سنڌ ۾ اڄ کان لاڪ ڊائون ۾ نرمي شروع، درگاهون ۽ سينمائون بند

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ اڄ کان لاڪ ڊائون ۾ نرمي بابت گھروکاتي طرفان نوٽيفڪيشن جاري ٿي چڪو، مارڪيٽون ۽ ڪاروباري سرگرميون سومر کان رات 8 وڳي تائين کولڻ جي اجازت هوندي. نوٽيفڪيشن موجب جمعي ۽ آچر تي ڪاروبار بند رهندو، هوٽلن ۾ ان ڊور ڊائننگ تي پابندي برقرار رهندي، هوٽلن ۾  رات جو 10 وڳي تائين آئوٽ ڊور ڊائننگ جي اجازت هوندي، هوم ڊليوري جي 24 ڪلاڪ اجازت هوندي، شادي تقريبن ۾ به ان ڊور ڊائننگ تي پابندي هوندي، شادي تقريبون کليل جڳهه تي ڪرڻ جي اجازت، 300 مهمانن کان وڌيڪ ماڻهن جي شرڪت تي پابندي هوندي. درگاهون ۽ سينيمائون مڪمل طور بند رهنديون، ان ڊور ثقافتي، مذهبي ۽ ميوزيڪل پروگرامن تي پابندي هوندي، ثقافتي، مذهبي ۽ ميوزيڪل پروگرام کليل جڳهه تي ڪري سگھبا، 300 ماڻهن جي شرڪت جي اجازت هوندي. ڪراٽي، باڪسنگ، مارشل آرٽس، واٽر پولو، ڪٻڊي ۽ ريسلنگ تي پابندي هوندي، ان ڊور جم جي اجازت، صرف ويڪسينيٽيڊ ماڻهو جم ۾ اچي سگھندا، نجي ۽ سرڪاري آفيسون سڀاڻي کان کلي وينديون، 50 سيڪڙو ملازم آفيس اچي سگھندا.

پهنجو تبصرو موڪليو