سنڌ حڪومت پاڻي جي کوٽ جي حل لاءِ اپاءُ وٺي، ارباب

حيدرآباد(بيورو رپورٽ)وزيراعظم پاڪستان جي خصوصي معاون ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ جي حوالي سان وزير اعلي سنڌ مراد علي شاھ کي هڪ خط لکيو آهي جنهن ۾ ارباب غلام رحيم  لکيو آهي ته مونکي تازو وفاقي حڪومت طرفان وزيراعظم پاڪستان جو معاون خصوصي مقرر ڪيو ويو آهي. پرنٽ، اليڪٽرانڪ، سوشل ميڊيا ۽ سنڌ جي ماڻهن ذريعي مونکي علم ۾ آيو آهي تہ سنڌ جي آبپاشي نظام ۾ پاڻي جي شديد قلت آهي جنهن جي نتيجي ۾ فصل تمام بري طرح متاثر ٿئي پيو. مون هڪ ويڊيو ڪلپ ڏٺو آهي جنهن ۾ ماڻهون ان وقت جي صوبائي وزير آبپاشي سهيل انور سيال جي سامهون پاڻي جي کوٽ بابت احتجاج ڪري رهيا آهن پر انهن وٽ ماڻهن لاءِ ڪو مناسب جواب نه هيو مون اهو به ٻڌو آهي ته عملي طور تي علي حسن زرداري آبپاشي کاتي کي هلائي رهيو آهي. کاتي ۾ بد انتظامي، بدعنواني، پاڻي جي کوٽ جي سبب جي ڪري ملڪ ۾ خوراڪ جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي. ڪڻڪ جي کوٽ جو سبب هڪ اهو به آهي ته حڪومت سنڌ ڪجھ سالن کان ڪڻڪ جي صحيح خريداري ناهي ڪئي وڌيڪ ڪڻڪ ۽خوراڪ جي کوٽ جي ڪري ماڻھن ۾ بغاوت ٿي ويندي. جنهن سان ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال ۽ سيڪيورٽي جو مسئلو پيدا ٿيندو. مون آبپاشي ۽ پاڻي جي کوٽ خلاف بدين کان حيدرآباد تائين پيادل لانگ مارچ به ڏٺو هيو پر ڪنهن به ان جي طرف توجھ ڪون ڏني مرڪزي نهرن کان آئوٽ ليٽس سياسي ۽ بااثرن کي منظور ڪيل آهن.  ان لاءِ عدالت اڳ ۾ ئي درخواست خارج ڪرڻ جو فيصلو ڏئي چڪي آهي پر سنڌ حڪومت عدالت جي فيصلي تي عملدرآمد ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. صوبو سنڌ هڪ اهم صوبو آهي حڪومت سنڌ مسلسل وفاقي حڪومت تي الزام تراشي ڪري رهي آهي هن وقت درياهن ۾ ٻوڏ جهڙي صورتحال آهي پر پوءِ به پاڻي جي کوٽ جاري آهي سنڌ جي هيٺين علائقن ۾ مينهن به وسيا پر شاخن ۾ پاڻي جي کوٽ اڃان به جاري آهي. حقائق کي نظر ۾ رکندي هي مشورو ڏنو وڃي ٿو ته پاڻي جي کوٽ جي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ مناسب قدم کنيا وڃن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو