سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ثقافتي تقريبون منعقد، ريليون، جشن

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌي ميڊيا پاران اعلانيل هڪ سنڌ هڪ ثقافت جي سڏ تي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ شهرين، سياسي سماجي تنظيمن، اسڪولي ٻارڙن پاران ريليون ڪڍڻ جو سلسلو جاري، تقريبون منعقد، صوفياڻي راڳ تي ماڻهن جو رقص، جهمريون. نوشهروفيروز مان مشتاق حسين مري مطابق سنڌ جرنلسٽس ڪائونسل ضلع نوشهروفيروز جي سڏ تي پريس ڪلب اڳيان ثقافتي ڏهاڙو ملهايو ويو جنهن ۾ صوفي راڳين اعجاز خاصخيلي, ثريا سنڌي، مرڪ محبوب ۽ ٻين صوفياڻا ڪلام ڳائي محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. ثقافتي محفل ۾ سنڌ جرنلسٽس ڪائونسل جو مرڪزي نائب صدر قاضي ذوالفقار، شهيد بينظيرآباد ڊويزن جو آرگنائيزر خالد فراز مشوري، ضلعي صدر ايم ظفر تڳر، جنرل سيڪريٽري اختر علي چانڊيو کان علاوهه پ پ پ جي ضلعي صدر فيروز جمالي، خان اعواڻ، غضنفر راڄپر سميت وڏي انگ ۾ شهرين، صحافين شرڪت ڪئي شهرين قومي گيتن تي رقص پڻ ڪيو.

صوفياڻي محفل واري تقريب کي خطاب ڪندي پيپلز پارٽي جي ضلعي صدر فيروز خان جمالي ۽ ٻين چيو ته سنڌي ميڊيا پاران ثقافتي ڏهاڙي ملهائڻ جو اعلان ڪري اسان کي قومي عيد ملهاڻ جو موقعو فراهم ڪيو آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي پاران ثقافتي ڏهاڙي کي قومي عيد جيان ملهايو ويندو ۽ ضلعي جي هر شهر ۾ ريليون ڪڍيون وينديون. هنن چيو ته سنڌ جي ثقافت صدين جي تاريخ جو تسلسل ۽ موهن جي شاهڪار تهذيب جو عڪس آهي سنڌي ميڊيا ثقافتي ڏهاڙو ملهائي سنڌ جي ثقافت کي اجاگر ڪري پاڻ ملهايو آهي، جنهن تي سنڌي ميڊيا جس لهڻي، سنڌي ٽوپي اجرڪ هر سنڌي ماڻهو جو شان آهي، هر سنڌي ماڻهو کي گهرجي ته ثقافتي ڏهاڙو ڀرپور نموني ملهائي. *** اوٻاوڙو مان غلام علي رند مطابق دي سٽيزن پبلڪ ايلمنٽري اسڪول ۾ سنڌ جي ثقافت سنڌي ٽوپي اجرڪ ڏينهن ملهايو ويو جنهن ۾ مهمان خاص سنڌ جو اڳوڻو صوبائي وزير ڄام مهتاب ڏهر،  مختيار احمد دايو، محمد يوسف ڀٽو، سيد اسد علي شاھ بخاري، سيد ذوالفقار شاھ بخاري، ايڪسائز انسپيڪٽر حسن علي دشتي، اجمل خان گرگيج، استاد بشير احمد ڀٽي ۽ ٻيا سياسي سماجي اڳواڻ موجود هئا.

*** تلهار مان عاجز انور لاشاري مطابق ھر سال جيان ھن سال به ثقافتي عيد ملھائڻ لاءِ تلهار جي مين بوائز غريب آباد پرائمري اسڪول ۾ استاد عنايت علي شاھ ۽ ٻين استادن جي اڳواڻي ۾ ايڊوانس ايڪتا ڏھاڙي جي مناسبت سان ھڪ پروگرام آرگنائيز ڪيو ويو جتي شاگردن مختلف ٽيبلوز پڻ پيش ڪيا لوڪ گيتن تي جھمريون پائي ايڪتا ملھائي. ان موقعي تي استادن ۽ شاگردن صحافين سان ڳالھائيندي چيو آھي ته 1 ڊسمبر ھڪ سنڌ ھڪ ثقافت حوالي سان تلھار ۾ پروگرام پڻ رکيا ويا آھن ان سميت شاندار ريلين جو پڻ بندوبست ايڊوانس ۾ ڪيو ويو آھي اسان پنھجي ايندڙ نسل لا۽ اھو پيغام عام ڪرائڻ چاھيون ٿا ته سنڌ ھزار سال آڳاٽي ھڪ تاريخ ۽ لازوال تھذيب جي ضمانت آھي سنڌ پيار جو نانءٌ آھي سنڌ ۾ امن جو ھڪ پيغام ڏيڻ لا۽ اسان سموري سنڌي ڀائرن سان يڪجھتي جو اظھار ڪيون ٿا. *** ڪنڊيارو مان اسد جعفري مطابق شهر ڪمال ديرو، محبت ديرو، ماهي جا ڀاڻ، لاڙڪ شاخ سميت ڪنڊيارو شهر ۽ واهڻ وستين ۾ ثقافتي پروگرام ڪرائي سنڌ جي ثقافت سان محبت جو اظهار ڪيو پيو وڃي.

ان سلسلي ۾ ڪنڊيارو ڀرسان ڳوٺ سيد ڇتل شاهه ۾ ڳوٺ جي نيڪ مرد سيد صغير حسين شاهه، سيد نديم حسين شاهه، ايڊوڪيٽ ذڪرم علي شاهه، سيد افضل شاهه پاران مچ ڪچهري ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ سياسي سماجي تنظمين جي اڳواڻن، شهرين، علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، مچ ڪچهري ۾ شاعرن ۽ سگهڙن غلام سرور ڪلهوڙو، علي ڏنو مهراڻي، غلام علي سولنگي، الاهي بخش شر، غلام سرور جلالاڻي، قربان سولنگي، صاحب خان جلالاڻي  ۽ ٻين ڏور، بيت، ڏٺ پرولي، سينگار ۽ ٻيون صنفون ٻڌائي واهڙ وهائي ڇڏيا. مچ ڪچهري ۾ صوفي فنڪار صوفي ڪلام ڳائي محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. *** ٺري ميرواهه مان ممتاز علي شر مطابق پوري سنڌ جيان ٺري ميرواھ جي سياسي. سماجي توڙي عام ماڻھن پاران ثقافتي ڏهاڙو ملهائي خوشيءَ جو اظهار ڪيو ويو. سنڌيار سان ڳالھائيندي پ پ ليڊيز ونگ خيرپور جي صدر ايڊوڪيٽ زينب شر، تعلقه ايجوڪيشن آفيسر قلب علي گوپانگ، راشد شاھنواز راڄپر اسٽنٽ مختيارڪار ٺري ميرواھ، راڻو خان مھر ايس ايڇ او ميرواھ، آمنه شر ڊپٽي جنرل سيڪريٽري پ پ ليڊيز ونگ خيرپور ۽ ٺري ميرواه پريس ڪلب جي صدر ممتاز علي ويچار ونڊيندي چيو ته سنڌريا ميڊيا گروپ پاران جيڪو ڪشمور کان ڪراچي تائين فلوٽ ڪڍيو پيو وڃي اھو انتھائي قابل تعريف آھي اسان جي ھر وک سنڌريا ميڊيا گروپ  سان ھر محاذ تي گڏ ھوندي ڇاڪاڻ سنڌيار ميڊيا گروپ پاران جيڪو فلوٽ ڪڍيو پيو وڃي ان سان سڄي سنڌ جي ماڻھن ۾ فخر محسوس ٿيندو ۽ پنھنجي ثقافت سان وڌيڪ محبت پيدا ٿيندي.

*** مبارڪپور مان قربان علي مهر مطابق پريس ڪلب مبارڪپور جي صحافين جي ميزباني ھيٺ ھڪ سنڌ ھڪ ثقافت جي سري ھيٺ هڪ شاندار تقريب منعقد ڪئي وئي، جنھن جا مھمان خاص سياسي شخصيت سردار غلام مصطفي خان ٽانوري، سلات جو مرڪزي صدر گل حسن گل ملڪ، گسٽا تعلقه ٺل جو نائب صدر استاد محمد يوسف ڀٽو، سياسي شخصيت بابو پنهل خان پهوڙ، سماجي اڳواڻ ۽ مبارڪپور جو ايڌي ڊاڪٽر صفي الله ڀٽو، مھراڻ علمي ادبي فورم جي چيئرمين اقبال عادل مھر ھئا. تقريب ۾ سگھڙن سنڌي ثقافت ۽ سنڌڙي تي شاعري ڪري واھ واھ ڪرائي ڇڏي. تقريب ۾ سنڌ جي نقشي کي گلن جي ورکا ڪري ڀيٽا پيش ڪئي وئي. تقريب ۾ آيل مھمانن پنھنجي خطاب چيو ته ٽوپي، اجرڪ ۽ پٽڪو سنڌ جي سڃاڻپ آھي، سنڌ جي ثقافت اجاگر ڪرڻ تي اسين سنڌ يار کي سلام پيش ڪيون ٿا، جنھن هر سال ثقافت جو ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪيو جنهن جي اعلان تي اسان سميت سنڌ واسي اهو ڏينهن عيد جيان ملهائيندا آهيون. *** قبو سعيد خان مان خادم حسين جاگيراڻي مطابق ھڪ سنڌ هڪ ثقافت جي حوالي سان ڪچي پل ۾ سنڌ بلوچستان هوٽل مالڪ سهراب سنڌي طرفان مچ ڪچھري ڪوٺائي وئي جنهن ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي فنڪارن سرن جي ورکا ڪئي.

فنڪارن سيد منظور شاھ، سيد جمال شاھ، روشن فقير صوفياڻو راڳ ڳائي ڪري محفل جهومائي ڇڏيو جڏهن ته بلوچستان مان آيل محمد آچر , نورالله بروهي بين وڄائي داد وصول ڪيو. *** غوثپور مان عبدالنبي ملڪ مطابق سموري سنڌ جيان  هڪ سنڌ هڪ ثقافت. غوثپور شهر  به ثقافتي رنگن سان رنگجي ويو شهر جي هائير سيڪنڊري اسڪول ۾ استادن توڙي شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي جتي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ کاڌي پيتي جون شيون ماکي، ساڳ، چانورن جي ماني جا اسٽال لڳايا ويا. جڏهن ته ثقافتي ڪُتر مشين. رليون، جُتي، ڀرت ڀريل ڪپڙا، هٿ جا وجڻا، اٽي پيسڻ وارو جنڊ جي نمائش ڪئي وئي. ٻئي پاسي ثقافتي پروگرام ۾ فنڪارن ماسٽر ديدار سبزوئي، ماسٽر نور حسن سبزوئي قومي گيت گائي ويٺل ماڻهن کي جهومائي ڇڏيو ان موقعي تي شاگردن مزاحيا خاڪا پيش ڪيا. *** ٺاروشاهه مان اسد شاهه مطابق علي رضا  شادي هال ٺاروشاھ ۾ ھڪ سنڌ ھڪ ثقافت جي عنوان تي ثقافتي پروگرام منعقد ڪيو جنهن ۾ مھمان خاص ايم پي اي ڪنڊيارو سيد سرفراز شاھ، ڊپٽي ڪمشنر نوشھروفيروز  رائو بلال شاھد ۽ انجنيئر ممتاز علي چانڊيو هيا. جڏهن ته ڊي ايس پي ڀريا سميع الله وسير، ايس ايچ او ٺاروشاھ  دين محمد لغاري، ڊي ايس پي سڪندر علي وڳڻ، سنڌ جرنلسٽس  ڪائونسل تعلقي ڀريا جو صدر راڻا عبدالستار راجپوت ايس يو پي ضلعي اڳواڻ ڪامريڊ رضا بھڻ  سميت سياسي سماجي اڳواڻن سميت فنڪارن اعجاز خاصخيلي، سرمد اياز، خوشبو ڪنول، سويرا سنڌو ۽ اڇڙو ڪيريو شرڪت ڪئي ۽ قومي گيت چئي نوجوانن کي جهومائي ڇڏيو. *** رتوديرو مان عطاءُالله بروهي مطابق پريس ڪلب رتوديرو جي صدر ۽ سٿ پاران عظيم سنڌ جي سهڻي ثقافت جي عنوان هيٺ مير ميريج هال رتوديرو ۾ هڪ خوبصورت عظيم عاليشان ۽ رنگارنگي ثقافتي تقريب ڪوٺائي وئي جنهن ۾ شهر جي سياسي سماجي اڳواڻن، صحافين استادن اديبن ۽ هر مڪتب فڪر سان واسطو رکندڙ سوين شهرين سرڪاري توڙي خانگي اسڪولن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين ڀرپور شرڪت ڪئي.

تقريب جو خاص مهمان چيف سردار علي نواز خان جلباڻي، ايڊيٽر عامر علي ڀٽو، پريس ڪلب رتوديرو جو صدر شهزاد رضا عباسي، لسوا جو سرپرست اعليٰ بدرالدين ابڙو، جعفريا الائنس لاڙڪاڻي جو صدر سيد شاهد حسين شاھ، ميڊم شائستا کوسو، ڏاڏو الله ورايو عمراڻي، مکي اشوڪ ڪمار،عبداللطيف سولنگي، سيد عابد شاھ بخاري، مير هزار خان جلباڻي، ساقي ابڙو، صدرالدين عمراڻي، عطاءُ اللہ بروهي، نبي بخش منگي، منوج ڪمار، ياسين ڌاريو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته اسان جي ثقافت پنج هزار سال پراڻي آهي سنڌ هڪ عظيم سر زمين آهي سنڌ ڌرتي کي اسان جي پياري نبي ﷺ امام حسين عليه السلام ۽ ولين صوفين بزرگن جون دعائون ٿيل آهن هنن چيو ته زنده قومون پنهنجي ثقافت جا ڏينهن جوش ۽ جذبي سان ملهائيديون آهن اسان سنڌين کي پنهنجي ثقافت ۽ سنڌي هجڻ تي فخر آهي. *** ڏيپلو مان فرمان بجير مطابق سنڌي ثقافت اجاگر ڪرڻ لاءِ سنڌي ميڊيا پاران اعلانيل ثقافتي ڏھاڙو ملهائڻ جي سلسلي ۾ آسنداس پبلڪ ميموريل ھاءِ اسڪول جي استادن شھاب الدين نهڙي، اشوڪ ميگهواڙ، گوردن ميگهواڙ ۽ سوين شاگردن پاران ريلي ڪڍي وئي. ريلي آسنداس پبلڪ اسڪول کان بدين بس اسٽاپ پريس ڪلب مٺي اسٽاپ الله والا چوڪ تي پهتي جتي شاگردن پاران سنڌي گانن تي رقص ڪندي جهمريون ھيون جڏھن ته مختلف شاگردن پاران سنڌي نغما پڙهيا ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو