سنڌ اندر وڏي مقدر ۾ منشيات هٿ، 3 جوابدار گرفتار

ڪراچي (نمائندن وٽان) پوليس سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سنيپ چيڪنگ ۽ ڳجهي اطلاع ملڻ تي منشيات فروشن خلاف ڪارروائي ڪندي 3 منشيات فروشن سميت وڏي مقدار ۾ منشيات هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. قبو سعيد خان مان خادم حسين جاگيراڻي مطابق پوليس پل چوڪي تي سنيپ چيڪنگ دوران  بلوچستان کان ايندڙ ڪار مان تلاشي دوران  250سو ڪلو گرام چرس ھٿ ڪري ھڪ منشيات فروشن کي گرفتار ڪري ورتو. ھوڏانھن رابطو ڪرڻ تي وڏي منشي امير جان مگسي  ٻڌايو ته ايس ايڇ او قبوسعيد خان امام الدين چانڍيو طرفان سنڌ بلوچستان جي باڍھ تي واقع چوکي پل چونڪي  تي سنيپ چيڪنگ دوران بلوچستان مان ايندڙ جي ايل آءِ ڪار نمبر AZS 273 مان  250ڪلو گرام چرس ھٿ ڪري ملزم عاطف پٺاڻ کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي.

*** ميرپورخاص مان سيد بشير شاهه مطابق محمود آباد ٿاڻي جي حد محمدي ڪواٽر تي ڪامياب ڪارروائي ڪندي منشيات فروش روپوش جوابدار يامين عرف ڏاڏو مڪراني کي گرفتار ڪري جوابدار کان 3 سئو گرام چرس 128گرام هيروئن 28 گرام ڪرسٽل برآمد ڪئي. *** نوابشاهه مان اي ڪي ڏاهري مطابق سي آءِ اي پوليس نوابشاهه جي انچارج فدا حسين چانڊيو خفيه اطلاع تي کڏهر ٿاڻي جي حد ڪامل خان رند جي زمين تي رهندڙ برڪت پٽ غلام قادر ابڙو جي گهر تي ڇاپو هڻي 100 ليٽر ڪچو شراب هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪرڻ سان گڏ جوابدار برڪت ابڙو کي گرفتار ڪري مٿس شراب ٺاهڻ ۽ وڪرو ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو