سنڌ اندر مختلف روڊ حادثن ۾ 4 ٻارڙن سميت 10 ڄڻا زخمي

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ اندر مختلف حادثن ۾ ٻن عورتن، 4 ٻارڙن سميت 10 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا جن کي مختلف اسپتالن ۾ داخل ڪيو ويو آهي. شهدادڪوٽ مان شاهد اعواڻ مطابق چنگچي رڪشا ۽ ٽريڪٽر ٽرالي وچ ۾ ٽڪر ٿيڻ ڪري رڪشا سوار صابر شاه ، محمد سالم چانڊيو، 8 ورهين جو سيد ساگر شاه، 8 ورهين جو سيد ثناور شاهه، 6 ورهين جو راشد شاه، 5 ورهين سيد سلطان شاه، مسمات افسانه چانڊيو ، مسمات رسولا چانڊيو سخت زخمي ٿي پيا جنهن کي ڳوٺاڻن ۽ رستي ويندڙ کڻائي اسپتال پهچايو جتي کيس علاج هلندڙ آهي.

هوڏانهن ٽريڪٽر ڊرائيو ٽريڪٽر ڇڏي فرار ٿي ويو آهي ٽريڪٽر کي پوليس پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي. *** خانپورمهر مان آفتاب سيال موجب گلزار مهر لنڪ روڊ تي اسپورٽس ڪامپليڪس ويجهو موٽر سائيڪل ۽ ڪار ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ اسپورٽس ڪامپليڪس جي تعميراتي ڪم ۾ مزدوري ڪندڙ ميرپور ماٿيلو واسي نوجوان صدام دونڌو ۽ خانپورمهر واسي اڪرم دايو زخمي ٿي پيا. 

واٽهڙن زخمين کي ريڙهي تي کڻائي اسپتال پهچايو جتي ڪو به سينيئر ڊاڪٽر نه هجڻ ڪري هيٺين عملي مرهم پٽي ڪري زخمين کي گهوٽڪي ريفر ڪيو پر زخمي وارث نه پهچڻ ڪري اسپتال ۾ ئي پيل رهيا.

پهنجو تبصرو موڪليو