سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ ماڪڙ جا حملا، معاشي قتل تي حڪومت خاموش

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ اندر هڪ طرف آبادگارن پاران نقلي دوائن ۽ ٻج جي ڪري فصل جي اُپت گهٽ لهڻ جون دانهون ڪيون پيون وڃن ته ٻئي طرف ماڪڙ جا اٽالا فصلن تي حملو ڪري کائي ناس ڪري ڇڏيو آهي جنهن ڪري آبادگار هٿ مٿي تي اچڻ سان گڏ ٻڏتر جو شڪار ٿي ويا آهن. پيپلزپارٽي جي اڳواڻ تاج حيدر جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ حڪومت اسپري ڪري رهي آهي پر وفاقي حڪومت خاموش آهي ۽ سندن اهڙي عمل جي مذمت ڪريون ٿا. ***اوٻاوڙو مان غلام علي رند مطابق مٽرڪوٽ، چنالي، ڏيوري حسين پور، نصير ڳوٺ ۽ چوڪماڙي ۾ ماڪڙ جو وڏي جوش ۽ جزبي سان حملي سبب آبادگارن جا هٿ مٿي تي اچي ويا آهن. *** بوزدار وڏا مان حسين ٽانوري مطابق پوري سنڌ ۾ فصلن تي حملن کانپوءِ ماڪڙ بوزداروڏا  سميت ڀرپاسي وارن علائقن ۾ پهچي وئي آهي جنهن سبب  آبادگارن کي لکين روپين جو نقصان ٿيڻ جو امڪان آهي. ماڪڙ جا ڪٽڪ ڳوٺ بگودڙو شريف، نصير فقير جلالاڻي، تلي دٻي، ٽالپروڏا، ٻٻر وڏا، عبدالرحيم خاصخيلي سميت ٻين علائقن  جو رخ اختيار ڪري ورتو آهي جنهن سبب بيٺل فصلن  کي شديد نقصان جو خدشو جو خدشو آهي. *** غوثپور مان عبدالنبي ملڪ مطابق ٻين شھرن ۽ علائقن جيئان غوثپور ۾ به ماڪڙ جا ڪٽڪ پھچي ويا آهن شھر توڙي ٻھراڙي واري علائقن ۾ ماڪڙ ھزارين ايڪڙن تي بيٺل ڪڻڪ جو فصل، سرنھن، ڪريلن، ھنداڻن، گدرن جي فصلن کي کائي چٽ ڪري ڇڏيو جنهن سبب آبادگار توڙي پورھيت طبقي کي ڪاپاري ڌڪ رسيو آھي ضلعي انتظاميه پاران ماڪڙ جي ڦوھاري لاءِ ڪي به جوڳا اپاءَ ناهن ورتا ويا. *** سوسائٽي مان غلام رسول مهر مطابق مختلف ڳوٺن ستارو مھر، ميھر مھر، عارب مھر، لاکولنجاري، جواري شاھ، وڌڻ مھر، نئون آباد، صالح مهر سميت  آس پاس جي ڪيترن ئي ڳوٺن جي گھرن توڙي فصل ۾ ڪروڙين جي تعداد ۾ ماڪڙ جا ڪٺ لھي پيا آهن جنهن ڪمند، ڪپھ ۽ سرنھن جي فصل کي کائي تباھ ڪري ڇڏيو آهي.

آبادگارن پاران پنهنجي مدد پاڻ ماڪڙ کي مختلف طريقن سان  آڏائڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. *** ڪنڌ ڪوٽ مان غالب بلوچ مطابق ڪنڌڪوٽ ۽ ڀرپاسي واري علائقن ۾ ماڪڙ جو حملو عوام ۽ آبادگار پريشان.اوچتو ڳوٺ عبدالقادر ڀيو ۾ ماڪڙ پاران حملوڪرڻ شرط بيٺل ساريالو فصل، تازي ڇٽيل ڪڻڪ ۽ سبزين جي ڀينگ ٿي وئي. *** راڻيپور مان نديم شيخ مطابق سنڌ جي مختلف علائقن کان پوءِ راڻيپور ۾ به ماڪڙ پهچي وئي آهي ماڪڙ فصلن تي حملو ڪري ڏنو جنهن سبب آبادگار سخت پريشان ٿي ويا آهن آبادگارن جو ڪروڙين روپين جي  نقصان سان گڏ  انهن جو معاشي قتل  ٿيڻ جو خدشو آهي. جهنڊو، مشائخ، گڏيجي درازا شريف ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾  ماڪڙ جا  لکن جي تعداد ۾ ڪٽڪ لٿا آھن جنهن ڪري  ساون گاھن ، توڙي جو وڻن جنهن ۾ کبڙ ، ڪرڙ ، ٻوھ کي  به کائي ناس ڪري ڇڏيو آھي تازو پوکيل ڪڻڪ جو فصل به کائي تباھ ڪري ڇڏيو آھي. *** پکو مان عبدالوحيد ميئو مطابق پکو ۽ آسپاس جي علائقي ۾ ماڪڙ جا ڪٽڪ پھچي ويا ٽولن جي صورت ۾ اڏامندڙ ماڪڙ سارين جي فصل کي سخت نقصان رسايو. آبادگارن طرفان ماڪڙ جي بچاءّ لاءِ حڪومت کان واھر جي اپيل ڪئي وئي آهي. *** لکي غلام شاهه مان نثار منگي مطابق ڪچي ۾ ماڪڙ جو حملي سبب سوين جريبن تي پوکيل ڪڻڪ جو نئون فصل کائي چٽ ڪري ڇڏيو آهي. آبادگار هاري ۽ زميندار پريشان ،ڳوٺاڻن پاران فائرنگ ۽ ڦٽاڪا ڦاڙي ماڪڙ کي ڀڄائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ماڪڙ فصلن سان گڏو گڏ وڻن کي به کائي چٽ ڪري ڇڏيو آهي جنهن ڪري ڳوٺاڻن جون ننڊون حرام ٿي ويون آهن. *** ڪوٽ لالو مان باغ علي مطابق منگياناڪو، جاجھ موري، پريو مري، ڪوٽ لالو، امن لوٺي، جلالجي، ڀنگو بهڻ سميت  پڇڙي ۽ ريگستاني پٽي جي ديهه اڪرو، عثمان ملو، ٻڍو ملو، حسين پاتو، ميهر علي انڙ، بصيرو، ڪرم خان، انيري، راڌڻ مشائخ، چڀيرڙو، ڪپ، باٺير، ٻوهو، لاکرنڊ، آب، لهيرو، جاکيري سميت 20 کان مٿي ديهن ۾ ماڪڙ تباهي مچائي ڇڏي آهي. ان موقعي تي آبادگارن جو چوڻ هو ته هڪ ته اسان کي زرعي ڀاڻ جي دوڪانن مان نقلي دوائون مليون جيڪا فصلن تي استعمال ڪرڻ بعد فصل تباھ ٿي چڪا آھن ۽ ٻيو وري ڪمند، ڪپھ ۽ ڪڻڪ جي فصل تي ماڪڙ جو حملو ٿي چڪو آھي اسان سنڌ حڪومت سميت اعليٰ اختيارين کان مطالبو ٿا ڪيون ته هن ماڪڙ جي حملي سبب اسان جي فصل جو شديد نقصان ٿيو آهي سڄي سنڌ کي آفت سٽيل قرار ڏئي اسان جي ٿيل نقصان جو ازالو ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو