سنڌ اندر سي اين جي اسٽيشنون 12 ڪلاڪن لاءِ کُلي ويون

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ 25 ڪلاڪن جي وقفي کان پوءِ سي اين جي اسٽيشنون 12 ڪلاڪن لاءِ کوليون ويون آهن. جمعي جي رات 10 وڳي اچانڪ سي اين جي اسٽيشنون کولڻ جو اعلان ڪيو ويو هو پر وري صبح جو 6 وڳي سي اين جي اسٽيشنون کي بند ڪيو ويو جنهن تي صارفين ۾ وڏي ڪاوڙ جي لهر ڇانيل رهي. سوئي سدرن گيس انتظاميه جو چوڻ هو ته ايندڙ گيس پريشتر جي صورتحال کي ڏسي سي اين جي اسٽيشنون کولڻ جو فيصلو ڪيو ويندو. هاڻي سي اين جي ايسوسيئيشن جي انتظاميه فلنگ اسٽيشنون 12 ڪلاڪن لاءِ کوليون ويون آهن جيڪي شام 7 وڳي تائين کليل رهنديون. سي اين جي ايسوسيئيشن جو چوڻ هو ته گذريل ڏينهن به سي اين جي اسٽيشننون 8 ڪلاڪن لاءِ کوليون ويون هيون. ٻئي طرف سي اين جي بار بار بند ڪرڻ سان رڪشا ۽ ٽيڪسي سميت ٻين گاڏين جا ڊرائيور ۽ صارفين پريشان رهيا. سي اين جي جي بندش بابت هڪ رڪشا ڊرائيور چيو ته رڪشي ۾ سي اين جي نه هئي اسٽيشن تائين ڌڪو لڳائي ڪاهي آيو آهيان کائڻ پيئڻ جا پيسا ناهن هاڻي سي اين جي کُلي آهي رڪشو هلائي پيٽ جو گذر سفر ڪندس. هڪ ٽيڪسي ڊرائيور جو چوڻ هو ته سي اين جي جي بندش سبب هڪ ڏينهن کائون ٿا ته ٻيو ڏينهن فاڪه ڪشي تي ويهون ٿا. ان سلسلي ۾ سوئي سدرن گيس انتظاميه جو چوڻ هو ته گيس پريشر ۾ گهٽتائي سبب سي اين جي اسٽيشنن کي گيس جي فراهمي روڪي ويندي آهي. ٻئي طرف ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ گيس بحران متعلق وفاقي وزير توانائي عمر ايوب خان چيو آهي ته سنڌ ۾ گيس بحران سنڌ حڪومت جي ڪري آهي جڏهن ته سنڌ حڪومت وفاق کي ان جو ذميوار قرار ڏئي رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو