سنڌ اسمبلي ۾ جهيڙو، لَتن ۽ مُڪن جو وسڪارو،اجلاس ملتوي

سنڌ اسمبلي ۾ جهيڙو، لَتن ۽ مُڪن جو وسڪارو،اجلاس ملتوي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ جي ناراض ايم پي ايز کي مبينا کنڀڻ جي ڪوشش دوران  پي ٽي آءِ ۽ پيپلز پارٽي جي ميمبرز ۾ جهيڙو ٿي پيو، ايوان جنگ جو ميدان بڻجي ويو. پي ٽي آءِ جا باغي ايم پي ايز شهريار شر، اسلم ابڙو ۽ ڪريم بخش گبول سنڌ اسيمبلي پهتا ته پ پ پاران آجيان ڪرڻ تي پي ٽي آءِ ميمبرز ڪاوڙجي پيا ۽ کين مبينا طور کنڀڻ جي ڪوشش ڪئي. پيپلز پارٽي طرفان باغي ايم پي ايز کي بچائڻ جي ڪوشش دوران جهيڙو شروع ٿي پيو، جنهن دوران پ پ ۽ پي ٽي آءِ ميمبرز هڪٻئي کي لتن ۽ مڪن جو وسڪارو لائي ڏنو، ان دوران اسپيڪر اجلاس سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو. جنهن بعد صحافين سان ڳالهائيندي پ پ اڳواڻ شهلا رضا چيو ته سنڌ اسيمبلي ۾ ٿيل جهيڙي جي سخت مذمت ڪيان ٿي، جهيڙي دوران مان پي ٽي آءِ جي ٻن ميمبرز کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پر هڪ ميمبر مون کي ڌِڪو ڏنو. هن چيو ته سڀاڻي سينيٽ اليڪشن صاف ۽ شفاف ٿيندي ۽ حڪومت کي شڪست نصيب ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو