سمورن فلٽريشن پلانٽس جو انتظام هڪ اٿارٽي حوالي ڪرڻ جو فيصلو

لاهور (ويب ڊيسڪ)پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز جي صدارت هيٺ واٽر اينڊ پاڪ اٿارٽي بابت خاص اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پنجاب ۾ 5 هزار 27 واٽر فلٽريشن پلانٽس جي صورتحال بابت رپورٽ پيش ڪئي وئي.اجلاس ۾ سينيٽر پرويز رشيد، سينيئر صوبائي وزير مريم اورنگزيب ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي.اجلاس ۾ سمورن فلٽريشن پلانٽس جو انتظام هڪ ئي اٿارٽي حوالي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز گندي پاڻي وارن علائقن ۾ ترجيحي بنيادن تي نوان فلٽريشن پلانٽ لڳائڻ جي هدايت ڪئي آهي.هن پنجاب ۾ غير فعال ۽ تباهه ٿيل واٽر فلٽريشن پلانٽس کي فوري طور تي فعال ڪرڻ جو به حڪم ڏنو.پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز چيو آهي ته هر علائقي ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي لاءِ جامع پلان جوڙيو وڃي.هن هدايت ڪئي ته شهرين کي صاف پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو