ٺل(عبدالنبي شيخ) ڀتو نه ڏيڻ تان قتل ٿي ويل قائم الدين سرڪي جا قاتل گرفتار نه ٿيا، جدوجهد ايڪشن ڪاميٽي جي طرفان احتجاج ۽ مظاهرا ڌرڻا جاري، مظاهري ۾ ايس يو پي، جي يو آءِ ،جسقم،ايس ٽي پي،قومي عوامي تحريڪ ،سنڌي ادبي سنگت،شھيد ڀٽو جي ڪارڪنن ۽ عوام وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي،مظاهرين پريس ڪلب اڳيان روڊ بند ڪري ڇڏيو،اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته جيستائين بيگناھ قتل ٿي ويل شھيد قائم الدين سرڪي جا مڪمل قاتل گرفتار ٿي ڦاهي جي ڦندي تي نه چڙهندا تيسيتائين اسان جو احتجاج جاري رهندو،وڌيڪ اڳواڻن ٻڌايو ته قائم الدين جي خون سان انصاف ٿيڻ تائين اسان سک جو ساھ نه کڻنداسين،وڏيرن جي پشت پناهي ۽ پناھ ۾ لڪيل قاتلن کي فوري طور تي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي،جڏنهن قاتل عدالتن ۾ پيش ٿيندا ته اسين ٺل جي عوام قائم الدين جي وڪالت لاء ڪورٽ ۾ پنهنجو ڪيس پاڻ وڙهنداسين،هنن چيو ته روز روز جي ڀتا خوري کان اسان هاڻ تنگ اچي چڪا آھيون۔سڀاڻي پڻ احتجاج لاء سياسي سماجي مذهبي تنظيمن جي اڳواڻن پنهنجي ڪارڪنن کي تيار رھڻ لاء چيو ويو.










