سريلنڪا جي افغانستان کي شڪست

ڪارڊف(م ڊ) ڪرڪٽ ورلڊ ڪپ جي ستين ميچ ۾ سريلنڪا افغانستان کي شڪست ڏئي ميچ کٽي ورتي. سريلنڪا جي بيٽنگ ڪمزور هئي ۽ 201 رنز جو ٽارگٽ ڏنو هو پر برسات سبب افغانستان کي 41 اوورز ۾ 187 رنز جو ٽارگٽ مليو جيڪو هو حاصل نه ڪري سگهيا. بظاهر افغانستان لاءِ آسان ٽارگٽ هو پر سندن پوري ٽيم 152 تي آئوٽ ٿي وئي. هڪ موقعي تي 57 تي 5 آئوٽ هئا پر هو سنڀالي ويا. ليڪن پراديپ 31 رنز تي 4 آئوٽ ڪري سندن اميدن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو. ملنگا يارڪرز جو سهارو ورتو ۽ 3 وڪيٽون ورتيون. افغانستان جي بالر محمد نبي هڪ موقعي تي 5 بالن تي 3 وڪيٽون وٺي سريلنڪا لاءِ خطري جي گهنٽي وڄائي هئي. سريلنڪا نيوزيلينڊ کان 10 وڪيٽن تي شڪست کائڻ بعد مايوس هئي پر هي ميچ کٽڻ بعد کين حوصلو مليو آهي. افغانستان آسٽريليا کان اڳ م ئي شڪست کائي چڪو آهي.  

پهنجو تبصرو موڪليو