ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي تعليم ۽ ثقافت واري وزير سيد سردار علي شاهه سان ڪراچي جی ضلعي ڪيماڙي جي شاگرد امير حمزه جي ملاقات، صوبائي وزير شاگرد کي سنڌ ۾ تعليم جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ تعليم جو سفير بڻجڻ جي آڇ ڪئي. 13 سالن جي امير حمزه تازو ئي باڪو، آذربائيجان ۾ منعقد ٿيندڙ ورلڊ اسڪالرشپ مقابلن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي. امير حمزه 7 گولڊ ۽ 6 سلور سميت 13 ميڊل حاصل ڪيا. ان کان علاوه بين الاقوامي سطح تي منعقد ڪيل ٻين مختلف مقابلن ۾ پڻ ميڊل کٽي چڪو آهي. صوبائي وزير سيد سردار شاهه ورلڊ اسڪالرشپ مقابلي ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ تي امير حمزه کي مبارڪباد ڏني ۽ سندس حوصلا افزائي ڪئي. ان موقعي تي سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار شاهه چيو ته توهان اسان جي صوبي ۽ ملڪ جو فخر آهيو. چاهيان ٿو ته ٻين شاگردن جي به رهنمائي ڪيو “، سيد سردار شاهه امير حمزه کي سنڌ ۾ تعليم جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ سفير طور ڪم ڪرڻ جي آڇ پڻ ڪئي. سيد سردار شاهه امير حمزه کي ٻڌايو ته صوبائي حڪومت کيس اڳتي وڌڻ ۽ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ هر ممڪن سهڪار جاري رکندي. ملاقات ۾ سنڌ جي وڏي وزير جو خاص مددگار محمد آصف خان پڻ موجود هو.










