ڳاڙھو (علي رضا پيروزاڻي) تاريخي ڳوٺ عيسىٰ رجيرو ۾ سامونڊي ويرون چڙھي آيون 120 گهرن تي مشتمل ڳوٺ سامونڊي ويرن سبب مڪمل پاڻي هيٺ اچي ويو. جڏھن تہ آسپاس وارن ٻين ڳوٺن ۾ به سامونڊي ويرون داخل ٿي ويون آهن. ڳوٺ عيسىٰ رجيرو جي ڳوٺاڻن نوراحمد عبدالغني احمد بخش يعقوب شڪور اسماعيل ۽ ٻين ميڊياکي ٻڌايو تہ سندن ڳوٺ گذريل 30 سالن کان سامونڊي ويرن سبب متاثرٿي رهيو آھي انهيء سلسلي ۾ اسان چونڊيل نمائندن پي ڊي ايم اي، اين ڊي ايم اي، اين جي اوز، ضلعي انتظاميا ۽ سنڌ سرڪار کي لکت ۾ ۽ ميڊيا وسيلي اطلاع پڻ ڪندا رهيا آهيون پر ڪنهن جي به ڪن تي ڪا بہ جون نٿي سري . هن وقت عبدالله شاه غازي شگرمل انتظاميا پڻ گندي پاڻيء جو نيڪال بہ اسان جي ڳوٺ وٽان ڪرڻ شروع ڪري ڏنو آھي جنهن سبب شگرمل جي سم نالي ۽ سامونڊي ويرن جي پاڻي ۾ ٽڪرائو سان سم نالو ابتو وهي هزارين ايڪڙن تي مشتمل فصل ۽ ڪيترائي ڳوٺ ٻوڙيو ڇڏي جڏھن تہ ضلعي ٺٽي جو ڊرينج کاتو تہ ايتري قدرنااهل ۽ من مست آھي جو ڪڏھن بہ سم نالي يا سامونڊي ويرن جي ڪيل نقصان کي وزٽ ڪرڻ ناهي آيو جڏھن تہ اسان ڪيترائي دفعا ڊرينج کاتي جي ايس ڊي اي او يعقوب شوروکي ڳوٺن ۾ سامونڊي ويرن ۽ سم نالي جي ابتي وهڻ جااطلاع ڏنا پران کان موٽ ۾ اهوجواب مليو تہ بابلا آئون شيرازين جو ماڻھون آھيان هن وقت شيرازين جي هٿ ۾ ڪجه بہ ناهي تہ اسان جي هٿ ۾ بہ ڪجه ناهي، فقط ڪرسي سنڀاليو ويٺاآھيون. گوٺاڻن ٻڌايو تہ سامونڊي ويرن سبب گهرن ۾ پيل سندن سمورو سامان لڙھي ويو آھي. هنن چيف جسٽس سنڌ وزيراعظم ٰ پاڪسان چيف آف آرمي اسٽاف ڪموڊرنيول کان ذميوارن ادارن جو نوٽيس وٺڻ جي گهرڪئي آھي.










