س، ش، گ، م ،ث ۽ غ وارن نالن جي ماڻهن لاءِ خوشخبري

عمر ڪوٽ (ن س) مشهور ايسٽرولوجسٽ ڀڳوانداس جٽيا چيو آهي ته س، ش، گ، م ،ث ۽ غ سان شروع ٿيندڙ وارن نالن جي ماڻهن لاءِ خوشخبري آهي ته 15 نومبر کان هنن جي زندگي ۾ بهتري اچڻ شروع ٿيندي. ستارن جي چر پر موجب سعد اسٽار مشتري مٿي ڄاڻايل حرفن سان شروع ٿيندڙ نالن وارن ماڻهن جي برج يعني طالع ۾ مشتري داخل ٿي رهيو آهي. جنهن سبب سندن رڪيل ڪم ٿي ويندا، سياسي، سماجي ۽ معاشرتي طور کين عروج ملندو. گهريلو ڪم ڪار، رشتن ۾ بهتري ۽ قانوني معاملن ۾ کين فائدو ٿيندو ۽ کين سرسي حاصل ٿيندي. ياد رهي ته هن جي پيشنگوئي هندي ايسٽرولوجسٽ جي مشهور بڪ لال ڪتاب جي ڪيلڪوليشن تي ٻڌل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو