زمين جو هارپو کسڻ تي عورتن جو ٻارڙن سان گڏ احتجاج

پکو (عبدالوحيد ميئو) ڳوٺ قلندر بخش مغيري واسي ڳوٺاڻن ۽ عورتن جو زرعي زمين کسڻ خلاف قرآن پاڪ کڻي احتجاج ڪيو ويو. ان حوالي سان ڳوٺاڻن منور علي مغيري، فتح علي، وزير علي، رضوان، رزاق، دلشاد، علي رضا، مسمات مسڪان، آمنه، نسيمه، حاجاڻي، ذڪيه، بشيران خاتون ۽ ٻين ميڊيا اڳيان روئندي ٻڌايو ته اسان 50 سالن کان زرعي زمين 6 ايڪڙ ھارپو ڪندا پيا اچون ۽ ان جو خرچ به پاڻ ڪري آباد ڪري فصل جو اڌ حصو زميندار کي ڏيندا آھيون پر ھاڻي زميندار مخالفن جي چرچ تي اسان کان زمين کسي بيروزگار ڪرڻ ٿو چاھي جڏھن ته اسان جو گذر سفر رڳو ھن ئي زرعي زمين تي آھي جيڪا به زوري کسي پئي وڃي. ڳوٺاڻن وڌيڪ دانھيندي چيو ته اسان غريب ۽ مسڪين آھيون اسان بي واھر آھيون اسان جي ڪير به نٿو ٻڌي. اسان زرعي زمين جي کسڻ تي تر جي برادري جي چڱن مڙسن کي دانھن ڏني آھي پر زميندار ھڪ به نٿو ٻڌي اسان کان زرعي زمين کسي وئي ته اسان جو خاندان رلي ويندو. اسان زميندار ڏي معصوم ٻارڙا وٺي قرآن پاڪ کڻي ويا آھيون پر اسان جي ھڪ به نٿو ٻڌي. آخر ۾ ڳوٺاڻن سپريم ڪورٽ، وڏي وزير سيد مراد علي شاھ، آءِ جي سنڌ، ايس ايس پي قمبر ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته اسان کان زرعي زمين جو حق نه کسيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو