ٽنڊو محمد خان )مظفر علي بروهي( پرائمري استاد شاهزيب شاهه پٽ غلام شاهه ۽ سندس چاچو احمد شاهه اسان تي ظلم ڪري رهيا آھن اسانجي گهر ۾ گهڙي لٺين لتن مڪن سان حملو ڪري مونکي ۽ منهنجي پٽن تي سخت تشدد ڪيو مونکي مٿي م لٺ هڻي وارن مان جهلي منهنجي تذليل ڪئي. اهڙو اظهار مسمات نذيران زال غلام علي شاهه ڳوٺ کمن شاهه جي رهواسڻ جون سندس پٽ انور سان گڏ پريس ڪلب بلڙي شاهه ڪريم ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته شاهزيب سندس پيءُ غلام شاه ۽ سندس چاچو احمد شاه ڪافي عرصي کان اسان جي 4 ايڪڙ زرعي زمين تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿان جنهن سبب هو اسان جي گهر ۾ داخل ٿي اسان کي موتمار ڌمڪيون ڏيندا رهندا هئا ۽ زمين ڇڏي لڏي وڃڻ جون ڌمڪيون پڻ ڏيندا رهنداهئا پر تازو ڪالهه شام جو ڄاڻايل جوابدار لٺيون کڻي اسان جي گهر م داخل ٿيا ۽ منهنجي ٻنهي پٽن کي مارڻ شروع ڪري ڏنائون جن کي مون ڇڏائڻ چاهيو ته هو ٻئي پيءُ پٽ مون تي ڪڙڪي پيا مونکي مغز م لٺ هڻي مٿو ڦاڙي ڇڏيو اٿائون. آئون ٿاڻي بلڙي شاه ڪريم تي فرياد کڻي ويس بلڙي پوليس ڪچي رپورٽ داخل ڪئي پر هنن ظالمن خلاف اڃان تائين ڪا به ڪاروائي نه ڪئي آھي هن چيو ته اسين مسڪين غريب آھيون هنن اسان جي زرعي زمين جو پاڻي به بند ڪري ڇڏيو آھي جنهن سبب اسان جو پوکيل سارين جو فصل به سڪي سڙي ويو آھي هن چيف جسٽس آف سنڌ ھاء ڪورٽ آء جي سنڌ ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان کان اپيل ڪئي ته اسان سان انصاف ڪيو اسان کي هنن ظلمن کان تحفظ فراهم ڪرڻ سميت جوابدارن خلاف فوري سخت قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي.
جاپاني شهرين جي گاڏي لڳ ڌماڪو 2 فوت ۽ 2 زخمي
ايران تي اسرائيلي جارحيت، صورتحال جو جائزو وٺون پيا، پرڏيهي آفيس
جمشيد دستي ۽ اقبال احمد خان تي اجلاس ۾ شرڪت تي پابندي
مبينا جاسوسي جي جوابدار جي ضمانت واري درخواست رد
دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين سڪون سان نه ويهنداسين
دنيا جي سڀ کان وڏي چونڊ، ڀارت ۾ ووٽنگ شروع
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 50 پئسا ٿي ويو
ٽرانسپورٽ جو ڀڳل ٽٽل نظام
ڌاڙيلن خلاف جديد ٽيڪنالاجي سان گڏيل آپريشن جو فيصلو
اسرائيل جو ايران تي جوابي ميزائيل حملو
اسرائيلي حملي جو مناسب جواب ڏنو ويندو، ايران
پنجاب جي ضمني چونڊ، 10 ضلعن ۾ قلم 144 لاڳو
ورلڊ اوپن اسڪواش: پاڪستان جو حمزه خان مين ڊرا ۾ شامل
سلمان خان جي گهر ٻاهران سيڪيورٽي سخت
اڄوڪي-اخبار-2024-04-19
اڄوڪي-اخبار-2024-04-19
بل جمع ڪرائڻ ۾ دير ڪندڙ ايڊورٽائزنگ ايجنسيز خلاف ڪارروائي ٿيندي
ڀارتي ٽارگيٽ ڪلنگ تي ڪو بيان نه اچڻ جو مطلب اهو ناهي ته سُتل آهيون
جان محمد جي قتل ڪيس جي جاچ لاءِ نئين ڪميٽي قائم
پهرين ٽي ٽوئنٽي، برسات سبب ميچ ڪينسل