زرعي پاڻي جي کوٽ، واٽر سپلاءِ ۾ گٽرن جو پاڻي مڪس،احتجاج

وارهه(طالب حسين چانڊيو) زرعي پاڻي جي کوٽ ۽ واٽر سپلاء ۾ گٽرن جو پاڻي اچڻ خلاف جساف آريسر وارهه طرفان احتجاجي مظاهروڪيو ويو. وقار چولياڻي نثار اميراڻي پرويز سنڌي جان محمد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نيشنل پريس ڪلب اڳيا احتجاجي مظاهروڪيو ويو ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيدي چيو ته واٽرسپلاء ۾ گٽرن جو پاڻي گڏ ٿي اچي پيو جيڪو جانورن جي پيئڻ جي قابل به ناهي. ٻئي پاسي وارهه جي شاخن ۾ گزريل هڪ سال کان پاڻي نه اچي رهيو آهي جنهن ڪري هاري سخت پريشان آهن. هنن چيو ته روز اخبارن ۾ پڙهون ٿا ته سنڌو دريا ۾ ٻوڏ آهي ته پوءِ پاڻي ڇو نٿا ڏيو. اڳواڻن وڌيڪ ڳالهائيدي چيو ته وارهه جا ڏھن ئي وارڊن ۾ گندگي جا ڍيرپيا آهن. انتظاميا لاتعلق بڻيل آهي، اسين اعلىٰ عدليه کي اپيل ٿا ڪريون ته وارهه جا بنيادي مسئلا حل ڪري شهرين ۽ آباد گارن کي جيئڻ جو حق فراهم ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو