رڳو سنڌ ۾ تعليمي ادارن جي بندش سازش آهي، راشد محمود

ڪراچي (رپورٽ باغي ساگر پنھوار )سنڌ جي حلالي پٽن کي سنڌ ۾ ٿيندڙ قبائلي تڪرارن جي خاتمي، سنڌ جي ٻيٽن، سنڌ مان نڪرندڙ گيس، تيل ۽ ڪوئلي جي مالڪي لاء پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آھي، اھڙن خيالن جو اظھار جي يو آء سنڌ جي جنرل سيڪريٽري راشد محمود سومرو ڪراچي جي خميسا ڳوٺ ۾ 29 تاريخ مزار قائد ڪراچي ۾ سنڌ جي حقن جي عنوان سان ٿيندڙ پي ڊي ايم جي جلسي کي ڪامياب ڪرڻ لاء ڪارنر گڏجاڻي کي خطاب ڪندي ڪيو ھن وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ پي ڊي ايم جي جلسي ۾ لکين ماڻھو گڏ ٿي حڪمرانن جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيندا، پي ڊي ايم جو جلسو هڪ عوامي ريفرنڊم هوندو. ماڻهن جو سمنڊ ڪراچي ۾ گڏ ٿيندو ۽ پاڪستان جي نااهل حڪومت ۽ سنڌ جي نااهل حڪومت خلاف پنھنجي حقن خاطر آواز اٿاريندو، سنڌ ۾ تعليمي ادارا بند ڪري سنڌ جي مستقبل جي معمارن کي پوئتي ڌڪڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، وزير اعليٰ سنڌ سازش تحت اسڪول بند ڪري تعليم تباه ڪري رهيو آهي، محرم الحرام ۾ لکين ماڻهو گڏ ٿيا۔ پ،پ پارٽي جي جلسن، گڏجاڻين ۾ ڪرونا وائرس ڪنهن کي به نٿي لڳي، سنڌ جا اسڪول بند ڪرڻ وارو فيصلو ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين، هن وڌيڪ چيو ته سڄي ملڪ جا تعليمي ادارا  کليل آهن پر سنڌ جا تعليمي ادارا بند آهن جيڪا تعليم دشمني آهي،

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو