دنيا جو ڊگهو وڻ ملائيشيا ۾، 330 فٽ ڊگهي وڻ جو وزن 2 هزار مڻ کان وڌيڪ آهي

ڪوالالمپور(م ڊ) برطانيا ۽ ملائيشيا جي سائنسدانن جي گڏيل تحقيق دوران ملائيشيا ۾ هڪ وڻ ڳولي لڌو آهي جيڪو دنيا جو ڊگهي ۾ ڊگهو وڻ قرار ڏنو ويو آهي. ليزر تيڪنالوجي ذريعي هن وڻ جي نشاندهي ملائيشيا جي برساتي ٻيلي صباح ۾ آهي، جنهن جي اونچائي 330 فٽ آهي. گلن واري هن وڻ جي پاڙ هڪ سلوپ تي بيٺل آهي پرپوءِ به اهو صفا سڌو ۽ متوازن آهي. ليزر ٽيڪنالوجي کان علاوه مقامي چاڙهي انڊنگ جامي نالي شخص وڻ جي چوٽي تائين چڙهي ويو ۽ ڦيٿ ذريعي به ان جي ماپ ڪئي وئي ته ان جي ڊيگهه 330 فٽ ئي ثابت ٿي. ماهرن جو چوڻ آهي هن وڻ کان اڳ دنيا م ڊگهو وڻ تسمانيا جي ٻيلي ۾ هو جنهن جي ڊيگهه 326 فٽ آهي. مقامي چاڙهي ٽيم کي ٻڌايو ته وڻ جي چوٽي تائين چڙهڻ ڪافي خوفناڪ هو ۽ کيس ڊپ لڳي رهيو هو پر جڏهن چوٽي تان هن آس پاس جو نظارو ڪيو ته اهو ايترو شاندار هو جيڪو هو لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهي. دنيا جي هن ڊگهي ترين وڻ کي مينار جو نالو ڏنو ويو آهي. هن وڻ جو وزن 81500 ڪلو گرام ٻڌايو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو