دريا خان مري ۾ڪرڪيٽ سپر ليگ جاري، ايگلز راند کٽي وئي

نوشهروفيروز (ڊ ر) دريــاخان مري ۾ ڪرڪيٽ سـپر ليگ جـو سفر جــاري، ھــر روز سخت مـقابلا، رانـديگر پرجوش جذبي سان راندين جـا دلچسپ مقابلا ڏيکارڻ لڳا، ماڻهو دلچسپ ميچوڻ ڏسڻ لاءِ وڌيڪ متوجهه ٿيڻ لڳا. درياخان مري جي مراد شاهه ڪرڪيٽ گرائونڊ تي اڄ درياخان مري ايــگلز ۽ دريــاخان مري اسٽــارس جـي رانديگرن ۾ سخت مقابلو ٿـي گذريو جنھن ۾ ايـگلز جـي رانديگرن بھترين بيٽنگ جـو مظاھرو ڪـندي مقرر 10 اوورن ۾ 165 رنسون ٺـاھيون. اسٽارس جـي شاھينن جوابي ڪارروائي ۾ رنسن جي ٽارگيٽ کي پورو ڪرڻ  لاءِ بيوس ڪري ڇڏيو ايــگلز ٽيم جي رانديگر جــواد جــــٽ  شاندار بيٽنگ ڪندي 113 رنـسون ٺاھي مخالف ٽيم لاءِ خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي. جڏھن ته جوابي بيٽنگ ۾ ايــگلز جي رانديگرن راند کٽڻ لاءِ جتن ڪندي 17 رنسن تـان بازي ھارائي، سندن پوري ٽيم 148 رنسون ٺـاھي سگھي. ايگلز ٽيم جي رانديگر جـــواد جٽ کي بهترين راند جو مظاهرو ڪرڻ تي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو