سکر (امداد علي ڪلوڙ) آمدني کان وڌيڪ اثاثا رکڻ واري ڪيس ۾ نيب ھٿان گرفتار خورشيد احمد شاھ جو پنجن ڏينھن جو ريمانڊ مڪمل ٿيڻ تي کيس عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. عدالتي ڪارروائي دوران نيب پراسڪيوٽر عدالت کي استدعا ڪئي ته 15 ڏينھن جو وڌيڪ جسماني ريمانڊ ڏنو وڃي جيڪو وقت ڏنو ويو ھو خورشيد شاھ اسپتال داخل ھئڻ ڪري جاچ مڪمل نه ٿي سگھي آھي خورشيد شاھ جاچ ۾ ڪو تعاون نٿو ڪري. خورشيد احمد شاھ جي وڪيل نيب پراسيڪيوٽر جي مخالفت ڪندي عدالت کي اپيل ڪئي ته 58 ڏينھن جو ريمانڊ نيب وٺي چڪي آھي نيب عدالت ۾ ڪو پڪو ثبوت پيش نه ڪري سگھي آھي خورشيد احمد شاھ جي طبعيت خراب آھي ان کي جوڊيشنل ريمانڊ ڏئي جيل ڪسٽڊي حوالي ڪيو وڃي جنھن تي عدالت ٻڌڻي دوران ٻنھي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد نيب پراسڪيوٽر جي استدعا رد ڪندي خورشيد احمد شاھ کي 15 ڏينھن جو جوڊيشنل ريمانڊ ڏيڻ جو حڪم ڏيندي ٻيھر 24 نومبر تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آھي. خورشيد احمد شاھ کي سخت سيڪيورٽي ھيٺ اين آئي سي وي ڊي اسپتال منتقل ڪيو ويو.










