خوراڪ کاتي سکر ۾ 2 ارب جي ڪڻڪ گم، نيب جاچ شروع ڪري ڇڏي

سکر(رپورٽ امداد ڪلوڙ) نيب پاران خوراڪ کاتي سکر جي گدامن ۽ ملز ۾ اسٽاڪ ڪيل ڪڻڪ عملي ۽ ملز انتظاميا جي ملي ڀڳت سان وڪرو ڪرڻ خلاف جاچ شروع ڪئي وئي آهي. نيب سکر جو چوڻ آهي ته مئجسٽريٽ جي موجودگي ۾ 2 مئي کان 7 مئي تائين مختلف گدامن ۽ ملز ۾ ڪيل اسٽاڪ جو معائنو ڪيو ويو ته معلوم ٿيو ته 2 ارب 2 ڪروڙ ۽ 52 لک روپين کان وڌيڪ ماليت جي ڪڻڪ غائب آهي. دي جي نيب سکر انڪوائري جو حڪم ڌيندي ذميوارن جي تعين ڪرڻ ۽ سندن خلاف ڪاروائي جو حڪوم ڏئي ڇڏيو آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته رڪارڊ ۾ جمع ڏيکاريل اسٽاڪ مان 2 لک کان وڌيڪ ٻوريو غائب آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو