خان پارٽي چيئرمين شپ تان هٿ کڻي ويو،نئون نالو ڏيڻ جو فيصلو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف جو چيئرمين عمران خان انٽرا پارٽي چونڊن ۾ چيئرمين شپ جو اميدوار نه هوندو.ذريعن موجب عمران خان جيل مان پارٽي جي ڪور ڪميٽي کي پيغام پهچايو آهي ته هو انٽرا پارٽي چونڊن ۾ چيئرمين شپ جو اميدوار نه هوندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته توشه خانه ڪيس ۾ سزا ملڻ سبب انٽرا پارٽي اليڪشن ۾ چيئرمين لاءِ نئون اميدوار هوندو ۽ انٽرا پارٽي اليڪشن ۾ ٻيو ميمبر چيئرمين طور چونڊيو ويندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين ۽ تنظيمي عهدن لاءِ چونڊون ٿينديون، چيئرمين پي ٽي آءِ پارٽي جي تنظيمي معاملن ۽ فيصلن جي پاڻ منظوري ڏيندو،پارٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته عمران خان سزا ختم ٿيڻ کانپوءِ چيئرمين طور انٽرا پارٽي چونڊن ۾ حصو وٺندو، جڏهن ته نئين چيئرمين جي نالي جو فيصلو عمران خان پاڻ ڪندو،ان کان علاوه پارٽي ۾ نئين شموليت ۽ ٽڪيٽن بابت سمورا فيصلا چيئرمين پي ٽي آءِ ڪندو.عمران خان جي وڪيل ۽ پارٽي جي سينيئر نائب صدر شيرفضل مروت چيئرمين پي ٽي آءِ جي انٽرا پارٽي چونڊن ۾ حصو نه وٺڻ جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته چيئرمين پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي چونڊن ۾ حصو نه وٺندو.

پهنجو تبصرو موڪليو