حڪومت 9 ارب ڊالر پرڏيهي قرض واپس ڪيو آهي، حماد

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) روينيو جي وفاقي وزير حماد اظهر قومي اسمبلي کي ٻڌايو ته سعودي عرب، متحده عرب امارات ۽ قطر پاڪستان کي ساڍا پنج ارب ڊالر ڏنا آهن. سوالن جوابن جي ساهي مهل هن وڌيڪ ٻڌايو ته سعودي عرب 3 ارب ڊالر، متحدو عرب امارات 2 ارب ڊالر ۽ قطر 50 ڪروڙ ڊالر جي مالي مدد فراهم ڪئي. هڪٻئي سوال تي هن ٻڌايو ته موجوده حڪومت 9 ارب 10 ڪروڙ ڊالر ماضي ۾ ورتل قرض ادا ڪيو آهي. هڪ ٻئي سوال تي هن ايوان کي آگاهه ڪيو ته حڪومت پينشن جي منتقلي آن لائن ڪري ڇڏي آهي ۽ رقم سڌي طرح اڪائونٽ ۾ منتقل ٿي ويندي آهي. تجارت جي پاريلماني سيڪريٽري عاليه حمزه ملڪ ايوان کي ٻڌايو ته گذريل سال 43 ڪروڙ 87 لک ڊالر جي مڇي برآمد ڪئي وئي جيڪا رڪارڊ آمدن آهي. قومي اسمبلي ۾ پشاور جي آرمي اسڪول تي حملي جي پنجين ورسي جي موقعي تي فاتحه ڪئي وئي. مولانا عبدالاڪبر چترالي سيالڪوٽ بارڊر تي شهيد ٿيل فوجين ۽ بلوچستان ۾ بس حادثي ۾ فوت ٿيلن لاءِ به فاتحه ڪرائي.

پهنجو تبصرو موڪليو