screen shot, file photo

حڪومت پاران هڪ دفعو ٻيهر بجلي جي قيمتن ۾ واڌ جو فيصلو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت نئين عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي انتظاميه ۽ ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر طرفان پاڪستاني حڪومت سان 45 ڪروڙ ڊالرن جي معاهدي کان پهرين بجلي جي قيمتن ۾ هڪ دفعو ٻيهر اضافي جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. ان فيصلي تحت بجلي جي 10 ڪمپنين کي 18 پيسا في يونٽ وڌائڻ سان 17 ارب 20 ڪروڙ رپين جي وڌيڪ آمدني حاصل ٿيندي. نيشنل پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) طرفان هلندڙ مهيني جي آخر ۾ منظوري کانپوءِ بجلي جي قيمت 13 رپيا 51 پئسن کان وڌي 13 رپيا 69 پئسا ٿي ويندي جنهن ۾ جنرل سيلز ٽيڪس شامل نه هوندو. ياد رهي ته بجلي جي قيمتن ۾ واڌ آءِ ايم ايف عملي ۽ پاڪستاني حڪومت وچ ۾ معاهدو طئي ٿيڻ جو اهو پهريون ايجنڊا هيو جنهن تي عمل نه ٿي سگهيو هو. آءِ ايم ايف پنهنجي رپورٽ ۾ چيو ته سيپٽمبر جي اختتام تائين حدف حاصل ڪرڻ لاءِ ڪم جاري آهي. ٻئي طرف اسلام آباد اليڪٽرڪ 1 ارب 44 ڪروڙ 50 لک ۽ سکر اليڪٽرڪ 1 ارب 20 ڪروڙ رپين جو اضافي بار صارفين تي وجهڻ جو مطالبو ڪيو آهي. واضح رهي ته حڪومت هلندڙ مهيني دوران مالي سال 18-2017 جي ٽي ماهي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي جي قيمتن ۾ 2 رپيا 33 پئسن تائين اضافو ڪري چڪي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو