حڪومت هٽائڻ جو وقت اچي ويو آهي : زرداري ۽ بلاول

ڳڙهي خدابخش(ن س) اڳوڻي صدر ۽ پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي چيو آهي ته پي ٽي آءِ کي حڪومت مان نيڪالي ڏيڻ جو وقت اچي ويو آهي، جلد اسلام آباد مارچ ڪرڻو پوندو. ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 40 هين ورسي جي تقريب کي خطاب ڪندي آصف زرداري چيو ته مون شروع ۾ ئي چيو هو ته پي ٽي آءِ سرڪار جو ٽارگيٽ 18 هين ترميم جو خاتمو آهي پر ڪجهه دوستن ان کي سنجيدو ورتو ۽ ڪجهه دوستن مذاق اڏائي. هن چيو ته مان جيل ۾ هجان يا نه، پيپلزپارٽي هنن کي حڪومت مان هٽائيندي. هنن کي وڌيڪ وقت ڏنو ته ملڪ 100 سال پوئتي هليو ويندو. هن موقعي تي بلاول ڀٽو خطاب ڪندي چيو ته وزيراعظم هائوس ۾ ويٺل مغرور ٿي ويا آهن. هن چيو ته وزيراعظم گهوٽڪي ۾ چوي ٿو ته کيس سنڌ نه کپي، اوهان کي سنڌ جا وسيلا گهرجن، گيس، تيل پاڻي گهرجي ماڻهون نه گهرجن. هن وزيراعظم کي خبردار ڪيو ته جيڪڏهن اوهان ارڙهين ترميم ختم ڪئي ته مان اوهان جي حڪومت ختم ڪندس. هن چيو ته حڪومت حد دخليو هٽائڻ جي اوٽ ۾ ماڻهن کي بي گهر ڪيو ويو، مهنگائي حد کان وڌي وئي آهي، معيشت چندي يا جادو سان نه هلندي آهي، اسين کين آئينو ٿا ڏيکاريون ته نيب گردي شروع ٿي وڃي ٿي. بلاول چيو ته هو شهيد ڀٽو جو ڏوهٽو ۽ بينظير جو پٽ آهي کيس ڊيڄاري نٿو سگهجي. هن عدليا کي مخاطب ٿيندي چيو ته شهيد ڀٽوڪيس جي عدالتي قتل جو معاملو حل نه ٿيو آهي. هن چيو ته ازخود نوٽيس انساني حقن جي معاملن ۾ ورتو ويندو آهي پر سپريم ڪورٽ جعلي بينڪ اڪائونٽ ڪيس ۾ ڇو نوٽس ورتو. هن چيو ته مان اهو نٿو چوان ته احتساب نه ڪريو، ڀلي ڪريو پر انتقام نه وٺو. بلاول چيو ته هو ٽن وزيرن کي پابندي پيل تنظيمن سان تعلق سبب هٽائڻ جي ڳالهه ٿو ڪريان ته هو بينظير ۽ ڊينئل پرل قتل ڪيس جي ملزم کي وفاق وزير ٿو بڻائي.

پهنجو تبصرو موڪليو