سيالڪوٽ (ويب ڊيسڪ)پي پي پي پنجاب جي جنرل سيڪريٽري حسن مرتضيٰ چيو آهي ته مسلم ليگ ن ڪڏهن به سرڪاري مشينري کانسواءِ چونڊون کٽي نٿي سگهي.سيالڪوٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته مسلم ليگ ن جو ڪو به ايجنڊا يا حڪمت عملي ناهي، مسلم ليگ ن جا ماڻهو فارم 47 تيار ڪرڻ ۾ ماهر آهن.حسن مرتضيٰ چيو ته هن اليڪشن ۾ پيپلز پارٽي واپس ايندي، 5 ڏهاڪن کان پيپلز پارٽي کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.پيپلز پارٽي اڳواڻ اهو به چيو ته پنجاب ۾ اسان ڪنهن به مدد يا سهڪار سان واپس نه ٿا اچڻ چاهيون.










