جي ايف 17 ٿنڊر ذريعي ميزائل جو ڪامياب تجربو

اسلام آباد (م ڊ)پاڪ فضائيه جي ايف ٿنڊر 17ملٽي رول جنگي جهاز ذريعي پري تائين مار ڪندڙ مقامي طور ٺاهيل ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي. پاڪ فضائيه جي پڌرائي م ٻڌايو ويو آهي ته هي عمل ملڪي دفاع لاء ڪارائتو آهي.تجربي دوران ميزائيل ڪاميابي سان پنهنجي نشاني تي لڳو جنهن تي تجرباتي ٽيم سرهائي ظاهر ڪئي آهي. چين جي مدد سان پاڪستان ۾ تيار ڪيل جي ايف ٿنڊر جنگي جهاز رات توڙي ڏينهن ۾ ميزائيل فائر ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. بيان موجب پاڪ فضائيه جي سربراه ايئر مارشل مجاهد انور خان پاڪستاني سائنسدانن ۽ انجنيئرز کي هن عظيم ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني آهي. ايئر مارشل وڌيڪ چيو ته پاڪستان امن پسند ملڪ آهي پر جيڪڏهن ڪنهن به جارحيت ڪئي ته ڀرپور جواب ڏنو ويندو. ياد رهي ته تازو ڀارتي جارحيت وقت به پاڪ فضائيه جي ايف ٿنڊر ذريعي ئي ڀارتي پائلٽ کي ڪنٽرول لائن تي ٽريپ ڪري نه صرف ڀارتي جهاز تباه ڪيو هو پر پائلٽ کي به گرفار ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو