جهيڙي، باهه، ايڪسيڊنٽ ۽ مارڪٽ جا چار واقعا، پوليس خاموش

ميرپورماٿيلو)رپورٽ ظهير وسير) شهر ۾ شر برادري جي ماڻهن ۾ جهيڙي، سرڪاري اسپتال ۾ مريض سان گڏ آيل ساٿي کي عملي پاران مارڪٽ، موٽر سائيڪلن جي آمهون سامهون ٽڪر جي ايڪسيڊنٽ ۽ ڪباڙ جي دوڪان کي باهه جا ڇار واقعا ٿيا آهن. پهرين واقعي ۾ سعيد پور۾ شر برادري جي ماڻهن وچ ۾ جهيڙو، لٺيون لڳڻ سبب هڪ عورت مائي بيبان، علي اڪبر، علي حسن ۽ اصغر شر سخت زخمي ٿي پيا، جن کي سرڪاري اسپتال ميرپورماٿيلو آندو ويو. جڏهن ته ميرپور ماٿيلو پوليس پاران اين سي داخل ڪري هن مهل تائين جوابدارن کي گرفتار نه ڪيو ويو. وارثن پاران پاڪ ڪتاب کڻي پوليس خلاف ايس ايس پي آفيس آڏو احتجاج ڪيوويو. هوڏانهن ٻئي خبر موجب سرڪاري اسپتال جوعملو گنڊا گردي تي لهي آيو آهي، صاحب جي آفيس اڳيان ڇو بيٺو آهين، مريض سان گڏ آيل ساٿي الياس شر مٿان اسپتال عملي جو وحشياڻو تشدد . الياس شر ميڊيا کي ٻڌايو ته مان پنهنجي مريض سان گڏجي دوا وٺڻ لاء آيس ۽ ڊاڪٽر صاحب سان ملڻ جي ڪوشش ڪئي ته سندس ٻاهران بيٺل پٽي والي ڊاڪٽر سان ملڻ نو ڏنو، دروازي اڳيان بيهڻ نه ڏنو ۽ ڌڪا ڏنا. جنهن بعد منهن ماري ٿي ته اسپتال عملي لتن ۽ مڪن سان وحشياڻو تشدد ڪيو. جنهن بعد پوليس واري اچي ڇڏرايو. ٽئين واقعي ۾ ڳوٺ غلام حيدر لغاري وٽ موٽر سائيڪلن جو آمهون سامهون ٽڪرٿي پيو جنهن سبب ڳوٺ موسي لغاري جورهواسي نوجوان 30 ساله اڪرم پٽ حسڻ لغاري موقعي تي فوت ٿي ويو. جڏهن ته سامهون ايندڙ موٽر سائيڪل سوار ممتاز پٽ لعل بخش مهر پڻ مٿي ۾ ڌڪ لڳڻ سبب بيهوش ٿي ويو، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رحيم يار خان نيو ويو. چوٿين واقعي ۾ اقبال پمپ ڀرسان قائم ڪٻاڙ جي دوڪان کي اوچتو باھ لڳي ويئي ,باه لڳڻ دوڪان اندر ۽دوڪان جي ٻاهريان پيل پلاسٽڪ ۽ ٻيو ڪٻاڙ جو سامان سڙي رک ٿي ويو. شھر ۾ ڪٻاڙ جي دوڪان کي باهه لڳڻ سبب فائربرگيڊ نه پهتي شھرين پنهنجي مدد پاڻ باهه تي ڪنٽرول ڪري ورتو. دوڪان مالڪ شهزادو ملاڻو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته منهنجي دوڪان جي اندر۽ ٻاهر2 کان اڍائي لکن جو سامان پيل هو، جيڪو سڙي ويو. هن وڌيڪ چيو ته منهنجي دوڪان ڀرسان ٻوڙو عباسي جو پلاٽ پيل هو جنهن کي انهن پلاٽ جي گند ڪچري کي باهه ڏيئي پاڻ هليا ويا. انهن جي لاپرواهي سبب اسان جو لکين رپين جو نقصان ٿيو آھي. هوڏانهن باهه ڏيندڙ ٻوڙو عباسي کي ميرپورماٿيلو پوليس گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو