جنرل عاصم واري ڪيس ۾ ملوث ٿي اسان غلطي ڪئي: شيخ رشيد

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)عوامي مسلم ليگ سربراهه شيخ رشيد احمد آخرڪار سامهون اچي ويو.خانگي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو ته خاموشي جو چلو ڪٽي رهيو هئس ان ڪري منظر عوام کان غائب هو، ان چلي دوران گهڻو ڪجهه سوچڻ جو موقعو مليو.شيخ رشيد چيو ته جڏهن 9 مئي جو واقعو ٿيو ته ٻئي ڏينهن ئي انهن واقعن جي مذمت ڪئي چيئرمين پي ٽي آءِ کي هميشه چوندو هيس ته اسان جي ويڙهه اسٽيبلشمينٽ سان ناهي، عوامي مسلم ليگ جي سربراهه چيو ته مون پي ٽي آءِ چيئرمين کي ٻه ڀيرا چيو ته اسٽيبلشمينٽ کي ڳالهين جي عمل ۾ شامل ڪيو وڃي پر هن انڪار ڪيو.شيخ رشيد وڌيڪ چيو ته سياستدان کي ڪنهن فوجي آفيسر جو نالو نه وٺڻ گهرجي، هي ملڪ ادارن کانسواءِ نٿو هلي سگهي، سياستدانن ۽ ادارن کي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي، جڏهن سياستدانن ۽ ادارن ۾ وڙهندي آهي ته هميشه ادارن جي فتح ٿيندي آهي.هن چيو ته مون کي ايڪس (اڳوڻي ٽوئيٽر) مارائي وڌو، مون کي ڏيکاريو ويو ته اهي ڳالهيون توهان چيون آهن، مان پاڻ ٽوئيٽر استعمال نه ڪيو پر اهي سڀ شيون منهنجون هيون، ٽوئيٽس کانسواءِ منهنجي خلاف ڪجهه به سامهون ناهي آيو. چيئرمين پي ٽي آءِ وارن جو خيال آهي ته فوج ۾ به انهن جا ماڻهو آهن، مان درخواست ڪندس ته 9 مئي جي واقعن ۾ ملوث عام ماڻهن کي معاف ڪيو وڃي.عوامي مسلم ليگ جي سربراهه چيو ته چيئرمين پي ٽي آءِ هڪ ضدي سياستدان آهي.تحريڪ انصاف جي چيئرمين طرفان فوج سان ڳالهيون ڪندڙ ٽن ماڻهن پنهنجي پارٽي ٺاهي ورتي.هن چيو ته مان اڄ به فوج سان گڏ بيٺو آهيان، اليڪشن وڙهندس، حمايت ملي يا نه اهو الله تي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو