جعلي اڪائونٽ ڪيس، 2 ارب 12 ڪروڙ واپس، وڏو بريڪ ٿرو قرار

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) جعلي اڪائونٽ ڪيس جي ٻن جوابدارن پلي بارگين هيٺ بدعنواني جو ڏوهه قبوليندي 2 ارب 12 ڪروڙ روپيا سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. انهن ۾ ٽيڪنو مين ڪمپني جو سربراهه آصف محمود ۽ نوري آباد پاور ڪپمني جو ڊائريڪٽرسيد عارف علي شامل آهن. هنن سنڌ ٽرانسميشن اينڊ ڊسپيچ ڪمپني جي ٺيڪي ۾ قومي خزاني کي 16 ملين ڊالر جو نقصان پهچائڻ جو اعتراف ڪيو. احتساب عدالت جي جج محمد بشير سندن درخواست قبول ڪري ڇڏي نيب چيئرمين ٻنهي کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. آصف علي زارداري، فريال ٽالپور، اومني گروپ جو سربراهه انور مجيد، سندس پٽ ۽ 10 ٻين ملزمن لاءِ جهٽڪو، حڪومت پاران جعلي اڪائونٽ ڪيس ۾ ٻن جوابدارن پاران 2 ارب 12 ڪروڙ ڏوه قبوليندي واپس ڪرڻ کي وڏو بريڪ ٿرو قرار ڏئي ڇڏيو. وزيراعظم جي مشير شهزاد اڪبر پريس بريفنگ ۾ چيو ته هڪ وقت ۾ ايڏي وڏي وصولي تمام وڏي ڳالهه آهي ۽ ان مان ثابت ٿي ويو ته هنن قومي دولت لٽي هئي. هن نيب ۽ جي آءِ ٽي جي ڪردار جي تعريف ڪئي. ياد رهي ته جعلي بئنڪ اڪائونٽ ڪيس ايف آءِ اي جي ڊي جي بشير ميمڻ جي هدايت تي جاچ ٿي بعد ۾ سپريم ڪورٽ ان جي مالڪي ڪئي ۽ جي آءِ ٽي ٺهي ۽ نيب ڪيس داخل ڪيو ۽ ڪراچي جي بئنڪنگ ڪورٽ مان هي ڪيس راولپنڊي منتقل ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو