حيدرآباد (بيورو رپورٽ) گم ٿيل ماڻهن جي وارثن ۽ قومپرست پارٽين جي اڳواڻن سندن بازيابي لاءِ پريس ڪلب آڏو بک هڙتالي ڪئمپ قائم ڪري ڇڏي. ڪئمپ تي گم ٿيل ماڻهن جي سوين وارثن شرڪت ڪري حڪومت خلاف سخت نعرا هنيا. احتجاج دوران اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گم ٿيل ماڻهن کي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي ۽ هاڻي هو ڪجهه ٻڌائڻ لاء به تيار ناهن. وائس آف مسنگ پرسنس سنڌ جي حوالي سان احتجاج ڪيو ويو. جڏهن ته جبري لاپتا ماڻهن جي وارثن چيو ته خدرا اسان جي گم ٿيل ماڻهن جي باري ۾ ڪجهه ته ٻڌايو وڃي ته ڪٿي آهن. هنن چيو ته گم ٿيلن مٿان ڪو ڪيس آهي ته انهن کي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو وڃي هنن دعويٰ ڪئي ته ڪراچي جي علائقي گلشن حديد مان مسعود شاه کي کنڀيو ويو ته ان جي باري ۾ به ڪو اطلاع نه ڪيو ويو جڏهن ته مسعود شاه جي ڀائرن ۽ مائٽن کي گرفتار ڪري انهن مٿان به ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو . مظاهرين چيو ته ان معملي تي آچر تي ڪراچي پريس ڪلب آڏو به احتجاج ڪيو ويو. ياد رهي ته آگسٽ 2017 ۾ سنڌ هاء ڪورٽ حيدر آباد جي سرڪٽ بينچ آءِ جي سنڌ کي گذريل ٻن سالن دوران گم ٿيل ماڻهن ۽ مليل نامعلوم لاشن جي تفصيلي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي. هوڏانهن ڊسمبر 2017 ۾ پ پ پ جي سينٽرل ايگزيٽو ڪاميٽي مطالبو ڪيو هو ته لاپتا ماڻهن جي لاء ڪميشن جوڙڻ سان گڏوگڏ تاريخ کي درست ڪرڻ لاءِ “سچ ڪميشن” به جوڙي وڃي. ان وقت پاڪستان حڪومت ، اقوام متحده جي انساني حقن جي ڪائونسل جي ورڪنگ گروپ کي خاطري ڪرائي هئي ته هو مضبوط جهموريت، عدليا ۽ ميڊيا جي آزادي، سول سوسائٽي ۽ شهري حقن جي بهتري لاءِ وڌيڪ ڪوشش ڪندا.










