جبري بدلين خلاف استادن ۽ شاگردن جو احتجاج

چوھڙجمالي(ناشاد ملاح) استادن ۽  شاگردن پاران ڪئمپس پرائمري اسڪول اڳيان ٽي اي او ايجوڪيشن شاهبندر خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي ٽي اي او  آفيس آڏو ڌرڻو هڻي مظاھرو ڪيو. استادن ۽ شاگردن ٽي اي او شاهبندر خلاف سخت نعريبازي ڪئي ۽ استادن جو جبري بدليون بند ڪريو ،  استادن سان ناانصافي بند ڪيو جا زوردار نعرا ھنيا. ان موقعي تي استادن اياز آخوند , سومار ڪيھر , ممتاز ساقي. علي محمد اوٺو ، احمد خان ٽالپور ۽ ٻين چيو ته شاھبندر تعلقي جي استادن کي ھلندڙ اسڪولن مان بدلي ڪري بند پيل اسڪولن ۾ موڪليو پيو وڃي، جنھن سبب ھلندڙ اسڪولن جي ٻارڙن جي تعليم متاثر ٿي رهي آهي. هنن چيو ته تعلقي آفيسر ايجوڪيشن عثمان شيدي پھنجي ھڪ ھٽي قائم ڪري پنهنجا ذاتي ڪم نه ڪندڙ استاد احمد ٽالپور کي دولتپور جي بند پيل اسڪول ۾ مقرر ڪيو آهي، هو ڊيوٽي ڪندڙ محنتي استادن کي بدلي ڪري ٻارڙن جو مستقبل خراب ڪري رھيو آھي. ھنن مطالبو ڪيو ته نا اهل ٽي اي او ايجوڪيشن کي هٽائي استادن جي جبري بدلي وارو سلسلو بند ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو