screen shot file photo

توهين عدالت تي غلام سرور ۽ فردوس جي معافي،فيصلو محفوظ

اسلام آباد(اياز مهر) وفاقي وزير غلام سرور خان توهين عدالت ڪيس ۾ غير مشروط معافي گهري ورتي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چيف جسٽس اطهر من الله جي سربراهي ۾ وفاقي وزير غلام سرور ۽ فردوس عاشق خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي گذري. چيف جسٽس غلام سرور کي روسٽرم تي گهرائي چيو ته توهان عام ماڻهو نه پر وفاقي وزير آهيو توهان عدالتي فيصلن تي ماڻهن جي ذهنن ۾ شڪ شبها ڇو پيدا ڪيا. جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏيندي چيو ته عدالتي فيصلو اچي ان تي ڀلي تنقيد ڪيو پر لفظن جو درست استعمال ڪيو. اسان هر ڀيري چوندا آهيون ته عدالت کي پارليامينٽ ۽ چونڊيل نمائندن جو احترام آهي پر توهان عدالتي سسٽم تي ماڻهن جو اعتماد تباهه ڪري رهيا آهيو.  هن وڌيڪ ريمارڪس ڏيندي چيو ته نوازشريف جي اپيل واري درخواست هن مهل به عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي توهان جو وزيراعظم ۽ ٻيا وزير ڪجهه ٻيو چئي رهيا آهن توهان عدالتي ڪارروائي تي اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيو. غلام سرور چيو ته جيڪڏهن توهان سمجهو ٿا ته توهين عدالت ٿي آهي ته مان معافي گهران ٿو مان هي ڪيس وڙهڻ ئي نه ٿو چاهيان ان ڪري مان غير مشروط معافي گهران ٿو. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن منهنجي ڳالهه تان عدالت جي دل آزاري ٿي آهي ته معذرت چاهيان ٿو. عدالت وفاقي وزير کي توهين عدالت جو شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي چيو ته توهان جيڪو ڪجهه چوڻ چاهيون ٿا اهو تحريري جواب ۾ ڏيو. غلام سرور عدالت کان شوڪاز نوٽيس جاري ٿيڻ واري فيصلي تي نظرثاني جي استدعا ڪئي جنهن تي عدالت غلام سرور ۽ فردوس عاشق اعواڻ جي غير مشروط معافي جو فيصلو محفوظ ڪندي وڌيڪ ڪاروائي 25 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو