تاجرن ۽ سرڪاري ملازمن خلاف نيب جا اختيار محدود

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي ڪابينا جي منظوري بعد صدر عارف علوي نيب ۾ ترميم جو آرڊيننس جاري ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو فوري طور لاڳو ٿيندو. جنهن موجب محڪماڻي نقص جي بنياد تي ڪنهن سرڪاري ملازم خلاف ڪاروائي نه ٿيندي پر مالي فائدو حاصل ڪرڻ جي بنياد تي ڪاروائي ڪئي ويندي.نئين ترميمي قانون موجب  3 مهينن ۾ ڪاروائي مڪمل نه ٿيڻ جي صورت ۾ گرفتار سرڪاري ملازم جي ضمانت ٿي سگهندي.ترميمي آرڊيننس موجب نيب تاجرن خلاف ڪاروائي نه ڪندو. ٽيڪس، اسٽاڪ ايڪسچينج، آءِ پي پيز جي معاملي ۾ سيڪورٽي ايڪسچينج ڪميشن، ايف بي آر ڪاروائي ڪندا. نيب جي دائري مان انهن معاملن کي آجو ڪيو ويو آهي. نيب 50 ڪروڙ کان مٿي جي بدعنواني وارن ڪيسن ۾ ڪاروائي جو مجاز هوندو.
عدالتي حڪم کانسواءِ سرڪاري ملازمن جون ملڪيتون ضبط ۽ منجمد نه ٿينديون، سندن اثاثن ۾ بي سبب ۽ حد کان وڌيڪ اضافي تي اختيارن جي ناجائز استعمال جي ڪارروائي ٿي سگهندي.

پهنجو تبصرو موڪليو