ڪراچي (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري سان بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي جي بلاول هائوس ڪراچي ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران بلوچستان جي ترقي ۽ مجموعي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وڏي وزير سرفراز بگٽي، صدر زرداري کي صوبي ۾ امن امان جي صورتحال ۽ ترقياتي منصوبن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. ان موقعي تي صدر آصف علي زرداري، وڏي وزير کي صوبي ۾ امن امان جي صورتحال کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۽ بلوچستان جي عوام کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.










