بيٽنگ جي بادشاهه ويرات ڪوهلي جا نوان رڪارڊ

دهلي (ويب ڊيسڪ) ڪرڪٽ ليجنڊ ڀارتي رانديگر ويرات ڪوهلي پوني ۾ کيڏي ويندڙ ڏکڻ آفريڪا خلاف ٽيسٽ ميچ ۾ 254 رنز ناٽ آئوٽ ٺاهي دنيا جا ڪيترا رڪارڊ ٺاهي ڇڏيا. اها هن جي 7 ڊبل سينچري آهي ۽ ايتريون ڊبل سينچريون اڳ ۾ ڪنهن به ڀارتي رانديگر ناهن ٺاهيون. 336 بالن تي 2 ڇڪن ۽ 33 چوڪن جي مدد سان هن اهو اسڪور ڪيو ۽ سندس سينچرين جو تعداد 26 ٿي ويو. هن جون 7 هزار رنز به مڪمل ٿي ويون. ڀارت ٽيسٽ ميچ ۾ 601 رنز تي اننگ ڊڪليئر ڪري ڇڏي. سر بريڊ مين جون 12 ڊبل سينچريون آهن، برائن لارا 11 ۽ ڪمار سنگا ڪارا جون 9 ڊبل سينچريون آهن. وريندر سهواگ ۽ ٽنڊولڪر جون 6، 6 ڊبل سينچرين جو رڪارڊ به هن ٽوڙيو. بيٽنگ جي بادشاهه ويرات ڪوهلي سر ڊان بريڊ مين کان رنز جي حساب سان اڳتي نڪري ويو آهي. بريڊ مين 52 ميچز جي 80 اننگز ۾ 29 سينچريون، 15 نصف سينچرين جي مدد سان 6996 رنز ٺاهيون هيون. ڪوهلي 81 ٽيسٽ ميچز جي 129 اننگز ۾ 7 هزار رنز ڪري ويو آهي. بطور ڪپتان بريڊ مين 8 ڀيرا 150 يا ان کان وڌيڪ رنز ٺاهيون ۽ ويرات ڪوهلي 9 ڀيرا ٺاهيون آهن. ياد رهي ته ويسٽ انڊيز جي برائن لارا بريڊ مين جي احترام ۾ سندس رڪارڊ برابر ڪرڻ يا ٽوڙڻ مناسب نه سمجهندي رٽائرمينٽ وٺي ڇڏي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو