بين الصوبائي گروپ جا 2 سمگلر گرفتار ڪيس داخل

بين الصوبائي گروپ جا 2 سمگلر گرفتار ڪيس داخل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايس ايس پي ڪراچي اولهه سهائي  عزيز منشيات سمگلنگ ۾ ملوث  صوبائي گينگ جي ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪيو آهي. اولهه پوليس بلوچستان مان آيل چرس جي  باري ۾ ڳجهي اطلاع تي ايس ايچ او سرجاني  لياري سيڪٽر 51 جي ويجهو هڪ آپريشن ڪيو ۽ ملزمن کي 3 ڪلو چرس سوڌو  گرفتار ڪيو ويو.گرفتار ملزم  عادي مجرم آهن ۽ منشيات  جي سامان جي فراهمي / وڪرو ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو ۽  ڪيترائي ڀيرا جيل ڪاٽي آيل آهن. ملزمن خلاف ڪيس داخلي ڪري جاچ  ڪئي پئي وڃي. گرفتار جوابدارن ۾ محمد بشير عرف پٺاڻ پٽ محبوب خان ۽ سهاگ بنگالي ولد مير جان شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو