ڪولڪتا(ويب ڊيسڪ)پاڪستان بنگلاديش کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. 32.2 اوورز ۾ گهربل رنسون مڪمل ڪري ورتيون، رضوان 26 ۽ افتخار 17 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيا. پاڪستان آسان حدف چيز ڪندي ٻنهي اوپنررز ففٽيون اسڪور ڪيون ۽ پهرين وڪيٽ 128 جي مجموعي اسڪور تي ڪري جڏهن عبدالله شفيق 9 چوڪن ۽ ٻن ڇڪن جي مدد سان 69 بالن تي 68 رنسون ٺاهي مهدي حسن جي بال تي ايل بي ڊبليو ٿيو. 160 جي مجموعي اسڪور تي ڪپتان بابر اعظم 16 بال کيڏي 9 رنسون ٺاهي مهدي حسن جي بال تي توحيد هٿان ڪيچ ٿيو. فخرالزمان جو اسڪور 75 کان مٿي ٿيو ته خيال هو ته هو سينچري مڪمل ڪندو پر هو 81 رنز تي بائونڊري جي چڪر ۾ مهدي حسن جو ٽيون شڪار بڻيو ۽ محمودالله کيس ڪيچ ڪيو. هن 7 ڇڪن ۽ 3 چوڪن سان 74 بالن تي 81 رنز اسڪور ڪيون. ان کان اڳ ورلڊ ڪپ جي 31هين ميچ ۾ بنگلاديش پاڪستان کي کٽڻ لاءِ 205 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو.ڪولڪتا جي ايڊن گارڊن ۾ کيڏيل هن ميچ ۾ بنگلاديش ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.پاڪستان جي فاسٽ بالر شاهين آفريدي بالنگ جي شاندار شروعات ڪئي ۽ پهرين ٻن اوورن ۾ 2 وڪيٽون ورتيون.بنگلاديش جي پهرين وڪيٽ ميچ جي پنجين بال تي ڪري پئي جڏهن ته ٻي وڪيٽ 2.4 اوورن ۾ 6 رنسن تي ڪري پئي.بنگلاديشي بيٽسمين تنزيد حسن 0 رنسن تي شاهين آفريدي جي هٿان ايل بي ڊبليو جڏهن ته نجم الحسن 4 رنسون ٺاهي ڪيچ آئوٽ ٿي ويو.شاهين آفريدي کانپوءِ حارث رئوف به پنهنجي پهرين اوور ۾ هڪ وڪيٽ ورتي، بنگلاديش جي ٽئين وڪيٽ ڇهين اوور ۾ 23 رنسن تي ڪري پئي جڏهن مشفيق الرحيم 5 رنسون ٺاهي ڪيچ آئوٽ ٿي ويو.بعد ۾ لٽن داس ۽ محمود الله پارٽنرشپ قائم ڪري اسڪور کي 102 رنسن تائين پهچايو، جنهن کانپوءِ لتون داس 20.5 اوورن ۾ 45 رنسون ٺاهي افتخار احمد جي اوور ۾ ڪيچ آئوٽ ٿي ويو.بنگلاديش جي پنجين وڪيٽ 30.4 اوورن ۾ 130 رنسن تي ڪري پئي جڏهن شاهين آفريدي 56 رنسن تي محمود الله کي بولڊ ڪري ڇڏيو.بعد ۾ ايندڙ اوور ۾ بنگلاديش جي ڇهين وڪيٽ 140 رنسن تي ڪري پئي جڏهن توحيد هردوي 7 رنسون ٺاهي اساما مير جي بال تي ڪيچ آئوٽ ٿي ويو.بنگلاديش جي ستين وڪيٽ 185 رنسن تي ڪري پئي جڏهن خطرناڪ نظر ايندڙ شڪيب الحسن 40 هين اوور ۾ حارث رئوف جي هٿان ڪيچ آئوٽ ٿي ويو. بنگلاديشي ڪپتان 43 رنسن جي اننگز کيڏي
