بلاول پاران سياسي قيدين کي آزاد ڪرڻ جو مطالبو،اسپيڪر تي تنقيد

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سياسي قيدين کي آزاد ڪيو وڃي. اهڙو اظهار هن ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو آهي. هن عمران خان جي حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته پنهنجي ناڪامين تان ڌيان هٽائڻ لاءِ اپوزيشن کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي. هن پشاور هاءِ ڪورٽ پاران ضمانت منظور ڪرڻ بعد محسن داوڙ ۽ علي وزير جي آزادي تي خوشي جو اظهار ڪندي قومي اسمبلي جي اسپيڪر تي به تنقيد ڪئي ۽ چيو ته هو گرفتار ميمبرن جا پروڊڪشن آرڊر جاري نٿو ڪري. هن وڌيڪ چيو ته عمران خان ناڪام ٿي ويو آهي جيڪو ملڪ نٿو هلائي سگهي اهو ڪشمير ڪاز کي ليڊ ڪيئن ڪري سگهندو. هن چيو ته جيڪي نوجوان جمهوريت ۽ انساني حقن لاءِ پرامن مزاحمت چاهين ٿا انهن لاءِ وقت ناهي ويو ۽ اسان جو ته وقت شروع ئي هاڻي ٿيو آهي. واضح رهي ته آصف علي زرداري، فريال ٽالپر، خورشيد شاهه، ميان نواز شريف، مريم نواز، رانا ثناءُالله ۽ سعد رفيق نيب جي ڪيسن ۾ جيل ۾ آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو