بجلي جي تار ڪرڻ سبب گهرن کي باهه، سڀ ڪجهه تباه، سرڪار مدد ڪري

ڳڙھي ياسين (رپورٽ شفيق مهر)ڳڙھي ياسين ڀرسان ڳوٺ  بهادر بروهي ۾ بجلي جي 11000 هزار تار ڪرڻ سبب گهرن کي باھ لڳي وئي  باھ لڳڻ سبب داد محمد بروهي قيصر بروهي ۽گلبهارجاگهر سڙي رک ٿي ويا، جڏهن ته گهرن ۾ بيٺل موٽر سائيڪل، سائيڪل ۽ رکيل اناج، روڪ رقم ۽ ٻيو گهرجو سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو. هوڏانهن باھ متا ثر  گلبهار ٻڌايو ته 6 مهينا اڳ منهنجي شادي ٿي هئي شادي ۾ مليل 2 تولا سونا زيور روڪ رقم ۽ ڏاج ۾ مليل ڪپڙا ۽ سامان سڙي ويو آھي. هنن چيو ته هو ٻچن سميت کليل آسمان هيٺ ويٺل آھن، سرڪار سندن مدد ڪري.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو