بانس جي لڪڙن سان اڏاوت جو رجحان،نئين ثقافتي سونهن

شڪارپور (رپورٽ عبدالخالق سومرو) سنڌ سميت پوري ملڪ ۾ بانس جي لڪڙيءَ تي خوبصورت ھوٽل، اوطاقون، گھر ۽ جھوپڙيون اڏڻ جو ڪم عروج تي پهچي ويو آھي، سکر جي رھائشي سينئر ڪاريگر علي گل ميراڻي 2010 ۾ ھن ڪم جي شروعات ڪئي، ھن سڀ کان پھرين پنھنجي گھر اندر بانس تي ڪجهه شيون ٺاھڻ جو تجربو ڪيو، جنھن ۾ ھو ڪامياب رھيو، جنهن بعد هن پنهنجي فن کي تجارتي انداز ۾ متعارف ڪرائڻ شروع ڪيو. ھن شروعاتي دور ۾ سکر ۽ آس پاس جي علائقن جي چوڪن چوراھن تي بانس جي لڪڙي جا ھوٽل ۽ ڇپرا تيار ڪيا، جنھن بعد ھن کي مشھوري ملي ۽ ھن سکر کان پوءِ شڪارپور، ڪراچي، جيڪب آباد، ڪوئيٽا، لاھور، ساھيوال، ڪنڌڪوٽ، ڪشمور سميت ملڪ جي ننڍن وڏن شھرن ۾ بانس جي لڪڙيءَ تي خوبصورت ھوٽل، اوطاقون، گھر، چوئنرا ۽ جھوپڙيون ٺاھيون جن جو تعداد هن جي بقول 1500کان وڌيڪ آھي.

هو ٻڌائي ٿو  ته بانس جي ڪاٺي پنجاب جي شھرن لاھور، سرگوڌا، قصور، پتوڪي، چڪيان، ڪوٽ مومن، جهنگ، منڊي بھاوالدين ۽ ٻين شھرن مان اچي ٿي، جتي باقاعده بانس پوکيو ٿو وڃي. بانس جي ڪٽائي ڪري لڪڙن کي باھ جي بٺين مان سڌائي ڪري ملڪن جي مختلف حصن ڏانھن اماڻيا وڃن ٿا. ماڻھون پنھنجي جاين کي خوبصورت بنائڻ لاءِ بانس جو ڪم شوق سان ڪرائن ٿا، ڪاريگر مطابق مينھن وسڻ دوران آر سي سي ڇت ٽمي سگھي ٿي پر بانس جي لڳل ڇت نه ٿي ٽمي سگھي، بانس جي لڪڙي ٿڌي آھي ۽ بانس جي ٺھيل اوطاقن، ھوٽلن ۾ ان جو اثر ٿڌو رھي ٿو، مالي حيثيت سان گڏوگڏ شوق رکندڙ ماڻھو بانس جي لڪڙي جو ڪم دل سان ڪرائڻ بعد انھن تي مختلف قسمن جا رنگ چٽي لائيٽون لڳائي ان جي خوبصورتي ۾ اضافو ڪن ٿا.

هي هڪ ته خوبصورت اسٽرڪچر آهي، وزن ۾ هلڪو ۽ خرچ به گهٽ آهي. بانس جي لڪڙي مان ويهه فٽ ويڪري ۽ ويهه ڊگهي ٺھيل اوطاق جي لاڳت ٻه لک جي قريب ٿئي ٿي، جڏھن ته ان کي وڌيڪ ڊيڪوريٽ ڪرائڻ جو خرچ علحدہ ٿئي ٿو. عام طور تي ھوٽل يا اوطاق جي ڊيگهه 14 کان 15 فوٽن تائين ٿئي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو