بااثرن پاران تشدد بعد نوجوان گم، وارثن جو انصاف لاءِ احتجاج

بااثرن پاران تشدد بعد نوجوان گم، وارثن جو انصاف لاءِ احتجاج

ٺڪراٺو (ن سنڌيار)ڳوٺ دادو چنو جي رھواسين چنا برادري جي ماڻھن عورتن ۽ ٻارڙن سميت بااثرن جي مبينا ناجائزين خلاف احتجاج ڪندي مھر ذات جي بااثرن تي نوجوان 24 ورھين جي محمد حسن چنو کي ڪپڙن کان آجو ڪري بي رحماڻو تشدد ڪرڻ بعد کنڀي گم ڪرڻ جو الزام لڳايو آھي احتجاج ڪندڙ الاھي بخش شعبان عجائب خاتون مائي رحمت ۽ ٻين دانھيندي الزام لڳايو ته 24 ورھين جي نوجوان محمد حسن چنو کي بااثرن محمد علي مھر سڪندر مھر شبير مھر غلام محمد مھر لياقت مھر ۽ ٻين پئسن جي ڏيتي ليتي تان رات دير سان ڪپڙن کان آجو ڪري تشدد بعد کنڀي کڻي گم ڪري ڇڏيو آھي صالح پٽ ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي آھي پر پوليس ھن مھل تائين مدد نه پئي ڪري ۽ بااثرن جي ونگار وھي رھي آھي ھنن چيو ته اسان غريب مسڪين ماڻھو آھيون اسانجي ڪير به مدد ڪرڻ لا۽ تيار نه آھي احتجاج ڪندڙن آ۽ جي سنڌ ڊي آ۽ جي سکر ۽ ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي نوجوان کي آزاد ڪرائي ڏاڍ ڪندڙ بااثرن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو