گوهر بنا مقابلي پي ٽي آءِ چيئرمين منتخب،انصاف جي گهر

پشاور(ويب ڊيسڪ)بئريسٽر گوهر علي خان بنا مقابلي پاڪستان تحريڪ انصاف جو چيئرمين چونڊجي ويو.تحريڪ انصاف جي رجسٽرڊ ووٽرن اڄ نئين چيئرمين جي چونڊ ڪئي.پي ٽي آءِ چيئرمين جي عهدي لاءِ بئريسٽر گوهر خان نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا.چيف اليڪشن ڪمشنر نياز الله نيازي جو چوڻ آهي ته عمر ايوب کي پي ٽي آءِ جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو آهي.ان کان علاوه علي امين گنڊاپور تحريڪ انصاف خيبرپختونخواهه جو صدر، ياسمين راشد پنجاب جي صدر چونڊجي وئي آهي.پي ٽي آءِ جي انٽرا پارٽي اليڪشن لاءِ پوليس پاران سيڪيورٽي جو اعلان ڪيو ويو ۽ ايس ايس پي آپريشنز پاڻ سڪيورٽي جي نگراني ڪئي.پي ٽي آءِ جي چيف اليڪشن ڪمشنر جي درخواست تي اليڪشن ڪميشن چيف سيڪريٽري خيبرپختونخواهه ۽ آءِ جي خيبرپختونخواهه کي سيڪيورٽي جا انتظام ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي.پي ٽي آءِ جي نئين چونڊيل چيئرمين بئريسٽر گوهر خان جو چوڻ آهي ته اسان تي 180 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، عدليه کي به اهو رليف نه ملي رهيو آهي جيڪو ملڻ گهرجي ها، چيف جسٽس آف پاڪستان پنهنجون گاڏيون واپس نه ڪري، اسان کي انصاف ڏياريو. پنهنجي هڪ بيان ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جو چوڻ هو ته اڳوڻو چيئرمين پي ٽي آءِ جدوجهد سبب جيل ۾ آهي، منهنجو پينل اڳوڻي چيئرمين پي ٽي آءِ جي چونڊيل پينل هو، اسان جي اڌ کان وڌيڪ قيادت جيلن ۾ آهي، پي ٽي آءِ ڪنهن سان به جهيڙو نه ڪندس. هن چيو ته هو پي ٽي آءِ جي اڳوڻي چيئرمين جو شڪر گذار آهيان ته کيس اهم ذميواري سونپي وئي، هو پي ٽي آءِ جي اڳوڻي چيئرمين جي فيصلي تي عمل ڪندو. گوهر خان جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ جي اڳوڻي چيئرمين ثابت ڪيو ته هو مون کي چونڊرائي روايتي سياست نه ڪندو آهي، اليڪشن جون تياريون مڪمل آهن، اليڪشن جو انتظار آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو