بئراجي علائقن مان ٿر وسڻ بعد موٽيل مال ۾ موڙ جي بيماري

ڪلوئي (غلام مصطفي نهڙيو) ٿر ۾ برسات وسڻ کان پوءِ لاڙ کان ٿر ايندڙ چوپائي مال ۾ موڙ جي بيماري پئجي وئي سوين ڍور موڙ جي بيماري ۾ ورتل وٽنري ٽيمون لاپتا، متاثر مالوند ماڻهو پريشان آهن. چار سال جي لاڳيتي ڏڪار کان پوءِ ساوڻي رت جي پهرين برسات کانپوءِ ڏڪار جي لپيٽ ۾ اچي بئراجي علائقي ڏانهن ويل مالوندن ٿر جو رخ ڪيو آهي. ٿر جي مختلف علائقن ۾ ٿورو ڦٽل گاه ۽ پسيل کاڌ خوراڪ کائڻ ڪري ڍڳي ٻڪري رڍ ۽ ٻيو چوپايو مال موڙ جي بيماري ۾ وٺجي ويو آهي جنهن ڪري تعلقي ڪلوئي جي مختلف ڳوٺن ۽ اسٽاپن تي وڏي تعداد ۾ چوپايو مال بيماري ۾ بيٺل آهي. ونگو بلوچ آباد ڪلوئي نئون ڪوٽ قلعو ونگڙ کيتلاري ۽ ٻين هنڌن تي سوين ڍور بيماري واري حالت ۾ بيٺل آهن جڏهن ته مقامي ڀاڳين عبدلستار نهڙيو مبين مانجھي خان ٻين چيو ته اسان جي مال ۾ موڙ جي بيماري وبائي صورتحال اختيار ڪري وئي آهي. ڳوٺاڻن چيو ته اسان پنهنجي مدد پاڻ پرائيويٽ ڊاڪٽرن کان چوپائي مال جو علاج ڪرائڻ تي مجبور آهيون ڳوٺاڻن لائيو اسٽاڪ جي وزير ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر کان مطالبو ڪيو ته جلد ڪلوئي تعلقي جي مختلف علائقن ۾ موڙ جي بيماري ۾ ورتل جانورن کي ويڪئسن ڪري وڌيڪ مال کي مرڻ کان بچايو وڃي. هوڏانهن وٽنري کاتي ڪلوئي جون گشتي ٽيمون لاپتا آهن، وٽنري کاتي ڪلوئي جو انچارج ڊاڪٽر آصف رضا قائم خاني جيڪو ڪيتري عرصي کان لاپتا آهن جنهن سان ميڊيا جي نمائندن پاران رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر هي فون نٿو کڻي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو