ايٽمي ملڪن ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ، يو اين سيڪريٽري جنرل پاران ڳڻتي ظاهر

نيويارڪ(ڊيسڪ رپورٽ) اقوام متحده جي سيڪريٽري جنرل اينتونيو گترريس دنيا کي خبرداري ڪيو آهي ته ٻن ايٽمي ملڪن ۾ ڇڪتاڻ وڌي رهي آهي ۽ جيڪا ڳڻتي جوڳي صورتحال آهي. هن آمريڪي اخبار نيو يارڪ ٽائمز جي مک ايڊيٽوريل جو حوالو ڏيندي چيو آهي ته ان به خبردار ڪندي چيو آهي ته ڪشمير بابت پيد ٿيل صورتحال سبب ٻن ايٽمي ملڪن ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ واري صورتحال ماضي کان مختلف آهي. هن اهڙو اظهار جاپان تي 1945 ۾ ٿيل پهرين جوهري حملي جي 74 هين ورسي جي موقعي تي جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته دنيا ۾ سيڪورٽي جي صورتحال خراب آهي ۽ اها ڳالهه امن جي قيام ۽خطرناڪ هٿيارن کان دنيا کي پاڪ ڪرن لاءِ ڪم ڪندڙ ادارن جي ڪارڪردگي بابت سواليا نشان به آهي. هوڏانهن هيومن رائيٽس واچ ايشيا پن ڪشمير بابت ڀارتي اپائن بعد پيدا ٿيل خورتحال تي ھڻتي ظاهر ڪئي آهي. انساني حقن جي تنظيم جو وڌيڪ ڇوڻ آهي ته ڪشمير ۾ بنيادي انساني حقن جي خلاف ورزي ٿي رهي آهي، رابطا منقطع ڪري اظهار راءِ جي بنيادي حق کان ڪشميرين کي محروم ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو