ايندڙ چونڊ ڪو به عمران خان جي ٽڪيٽ تي نه وڙهندو، مريم

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ ) مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته عمران خان پنهنجي ٽٽل جماعت کي آٿت ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پر هاڻي اهو سلسلو ختم نه ٿيندو، جيئن جيئن چونڊون ويجهو اينديون ته ڪو به اڳواڻ پي ٽي آءِ جِي ٽڪيٽ تي چونڊ نه وڙهندو ۽ ماڻهو ڏينهون ڏينهن کيس ڇڏيدا ويندا. اسلام آباد ۾ شاهد خاقان عباسي سميت ليگي اڳواڻن سان پريس ڪانفرنس ڪندي مريم نواز چيو ته حڪمرانن اڳ ئي ڪشمير ڀارت جي جهولي ۾ ڏئي ڇڏيو آهي، ڪشمير واري معاملي ۾ سازش جي ڌپ اچي رهي آهي، هن چيو ته هي سمجهن ٿا ته ڪو فيصلو ڪري وٺندا پر اسان ائين ڪرڻ نه ڏينداسين، نالائق حڪمرانن کي عوام وڌيڪ برداشت نه ڪندو، نون ليگ اڳواڻ مريم نواز چيو ته عمران خان ٻئي ڪنهن کي نه پر پاڻ کي اين آر او ڏئي رهيو آهي، هي حڪومت عوام لاءِ وڏي لعنت آهي، اسان ته برداشت ڪريون ٿا پر عوام پنج سال برداشت نٿو ڪري سگهي. هن چيو ته اسين ڪشمير۾ ڀرپور چونڊ وڙهنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو