ايف بي آر جي 2500 ملازمن جون بدليون، تاريخ جي وڏي اٿل پٿل

اسلام آباد(اياز مهر) فيڊرل بورد آفي روينيو ۾ تاريخ جي وڏي ۾ وڏي اٿل پتل 2500 ملازمن جي بدلين ۽ مقررين جو فيصلو ڪيو ويو. گذريل رات 2150 ملازمن جي بدلين جا نوٽيفڪيشن جاري ڪيا ويا آهين، جن ۾ اڪثريت انڪم ٽيڪس يعني ان لينڊ روينيو جي ملازمن جي آهي. بدلي ٿيندڙن ۾ 726 ڪراچي، 565 لاهور ۽ 357 اسلام آباد جا ملازم شامل آهن. حڪومت اهڙو فيصلو ڪامياب ايمنيسٽي اسڪيم بعد ڪيو آهي جيئن سالن کان هڪ جاءِ تي ملازمت ڪندڙن جو ڪاروباري ماڻهن سان ڳانڍاپو ختم ڪجي، جيڪي رشوت ڏئي ٽيڪس بچائن ٿا. ايف بي آر جي ذريعن جو چوڻ آهي ته ساڍن 5 کربن جو ٽيڪس ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ اٿل پتل ضروري هئي. 200 کان وڌيڪ ملازمن خلاف ڪرپشن جون انڪوائريز هلندڙ آهن جيڪو 2015 کان التويٰ جو شڪار آهن، انهن خلاف به ڪاروائي ڪئي ويندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪسٽم جي گريڊ 16 هين جي 500 اهلڪارن کي خصوصي ذميواري ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ايندڙ هفتي وزيراعظم ايف بي آر جي گريڊ 20 ۽ ان کان مٿي وارن آفيسرن سان ملاقات ڪندو ۽ کين اهم ٽاسڪ ڏيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو