ايشيا ڪپ، سريلنڪن هٿان بنگلاديش کي شڪست

پالي ڪيلي (ويب ڊيسڪ) ايشيا ڪپ جي ٻي ميچ ۾ سريلنڪن ٽيم بنگلاديش کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. ايشيا ڪپ جي ٻي ميچ ۾ بنگلاديش ۽ سريلنڪا جون ٽيمون پالي ڪيلي ۾ آمهون سامهون ٿيون، بنگلاديش ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ 42.2 اوورن ۾ 164 رنسون ٺاهيون. بنگلاديش طرفان نجم الحسين شنٽو 89 رنسن جي اننگز کيڏي، توحيد 20، محمد نعيم 16 ۽ مشفق الرحيم 13 رنسون ٺاهيون، ٻين مان ڪو ڊبل فگر ۾ به نه پهتو. سريلنڪا جي مٿيشا پٿيرانا بهترين بالنگ ڪرائيندي 4 شڪار ڪيا. جواب ۾ سريلنڪا گهربل هدف 39 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو، چارٿ اسالانڪا 62 ۽ سديرا سمارا وڪراما 54 رنسن جي اننگز کيڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو