اهلڪار ماري جهر پائيندڙ ڏوهاري مقابلي ۾ قتل

ڳڙھي ياسين(ن س )لاڙڪاڻو شڪارپو انڊس ھاءِ وي روڊ ڪوريجا لاڙو وٽ پوليس ۽ ھٿياربندن ۾ مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل ٻن ھٿياربندن لالو تيغاڻي ۽ محمود تيغاڻي جا لاش ڳڙھي ياسين اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد وارث عورتن حوالي ڪيا ويا ڳڙھي ياسين ٿاڻي تي ايس ايچ او الف پٺاڻ جي فرياد تي پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل لالو تيغاڻي،محمود تيغاڻي،علي خان مارفاڻي ۽ ٻن نامعلوم سميت پنج جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو ٻڌايو وڃي ٿو ته پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل ٻئي ھٿياربند ڳڙھي تيغو ۾ پوليس اھلڪارن جي قتل ڪيس ۾ گھربل ھئا رابطو ڪرڻ تي ايس ايچ او رالف پٺاڻ ٻڌايو ته معمول موجب گشت ڪري رھيو ھئس ته ڪوريجا لاڙي وٽ ڏوھ جي ارادي سان بيٺل ھٿياربند ڏوھارين سان مقابلو ٿي پيو اڌ ڪلاڪ جي مقابلي بعد ٻه ھٿياربند ڏوھاري لالو تيغاڻي ۽ محمود تيغاڻي مارجي ويا.ياد رهي ته مارجي ويل لالو تيغاڻي شھيد پوليس اھلڪارن جي شھيد ٿيڻ بعد جھرو تيغاڻي سان گڏ بڪتربند گاڏي مٿان چڙھي خوشي ملھائڻ وارن ۾ شامل ھو.

پهنجو تبصرو موڪليو